Travelogues

ٿائلينڊ جا ٿاڪ

فضا قريشي

 

11 مارچ 2017:

هينئر تقريباً رات جا 8:40 ٿيا آهن. اسلام آباد هوائي اڏي جي بين الاقوامي پرواز جي لائونج ۾ اچي ويٺي آهيان. رات ساڍي 11 وڳي ٿائي ايئرلائين ۾ بينڪاڪ روانگي آهي ته جيئن آڪسفيم جي بي پاران ٽن ڏينهن جي تحقيق تي رٿيل ورڪشاپ ۾ حصو وٺي سگهجي.

جڏهن جڏهن به اسلام آباد مان اڏام هوندي اٿم ته اهو احساس شدت سان ٿيندو اٿم ته اسلام آباد هوائي اڏي ۽ ڪراچي هوائي اڏي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ويهارو کن سال ته ٿي ويا هوندا جو ٻڌون پيا ته اسلام آباد ۾ نئون هوائي اڏو پيو ٺهي.

بهرحال هن دفعي اهو پڪو پهه ڪيو اٿم ته واپس موٽي سفرنامو لکيو نٿو ٿئي ۽ ٻيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون ذهن تان لهي به وڃن ٿيون ان ڪري ڇابه ٿئي ، مري جري به سفرنامو گڏوگڏ لکبو هلبو، روز جو ڪم وٺي فقير ان ڪم تي لڳا پيا آهن.

هوائي اڏي تي سڀ کان وڌيڪ رش عمري وارن جي آهي، ڪي ڪي ته ايڏا ضعيف آهن جو لڳي ٿو ته ڄڻ لاشا پاڻ کڻايو پيا وڃن. جيڏانهن ٿي نهار ڪريان ته اکين کي وڻندڙ نه ڪو نظارو آهي ۽ نه نهار! آءُ جيئن ته شلوار قميص ۾ نه پر ٽرائوزر، ڪُرتي ۽ اپر ۾ آهيان سو ڪيترائي مرد ۽ ضائيفائون گهوري پيا ڏسن. سامهون ،ساڄي، کاٻي مُلان، ڏاڙهيون، ڪارا برقعا ۽ عجيب شڪلون آهن! مارڪس صحيح چيو هو ته مذهب هڪ آفيم آهي. رستي تي ٻه ڪارون، گهوٽ جي ڪارن وانگر سينگاريل ڏٺيوسين ته منهنجي پٽ هالار رڙ ڪري چيو “گهوٽ جي گاڏي”! جڏهن ويجها ٿيا ته ڏٺوسين گاڏيءَ جي بانٽ تي ننڍو بينر لڳو پيو هو ته “عمري وارن کي مبارڪباد!” اهي آهيون اسين!

هن ڀيري ته پاڻ سان گڏ تمام گهٽ سامان کنيو اٿم. جڏهن پهريون ڀيرو بين الاقوامي اڏام ڪئي هيم برطانيه ڏانهن ته بيگ سَيٽ جي وڏي ۾ وڏي بيگ ڀري کنئي هيم. ان کان علاوه بيگ پيڪ الگ، ڳلي ۾ لڙڪائڻ وارو ٿيلهو الڳ جنهن ۾ ڪاغذ پٽ هئا ۽ ميڪ اپ باڪس الڳ، ڄڻ ته لڏي پئي ويس! شاباس منهنجن ميزبانن کي آهي جن اهي بار ڍويا ۽ اُف به نه ڪڇيا! سنڌي ماڻهو واقعي ڪٿان لڀن پر اهو ڏينهن اڄوڪو  ڏينهن، ڪنن کي هٿ هڻي توبهان تائب ٿي آهيان ته سامان جيترو گهٽ کڻجي اوترو چڱو، ڇاڪاڻ جو هر جاءِ تان ڪجهه نه ڪجهه خريداري به لازمي آهي سو آئيڊيل اهو آهي ته اتي خريد ڪري اتي ئي پايو ۽ خريداري لاءِ بيگ پيڪ ۾ جاءِ بچائي کڻي وڃو. هڪڙي بيگ پيڪ ۾ سڀ ڪجهه کڻو جيترو گهٽ سامان هوندو اوترو پاڻ کي سکيو ۽ آرامده محسوس ڪبو ۽ آرام سان هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ وڃي سگهبو ۽ گهمي ڦري سگهبو.

ٻه سال اڳ يورپ جي ٽوئر ڀيري به کنيو ته هڪڙو بيگ پيڪ هيم پر جيئن ته ڪجهه وڌيڪ ڏينهن رهڻو هو ان ڪري بيگ پيڪ سڄو ڪپڙن سان ڀرجي ويو ۽ وري خريداري پهرئين ملڪ يعني نيدرلينڊ مان ئي سڄي ڪئي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ساٿي گڏ هيا انهن جي تجربي موجب نيدرلينڊ باقي يورپ جي ڀيٽ ۾ سستو ۽ سٺو هو ۽ انهن کي نيدرلينڊ ۾ بهتر خريداري جي هنڌن جي ڄاڻ به هئي سو بيگ پيڪ ڦري بيگ بم ٿي پيو جنهن جي بس ڦاٽڻ جي دير هئي. پوءِ باقي ملڪن ۾ سامان ڍوئڻ واري حالت ڏاڍي ٿي پر چريا ٿياسين، يار پرکياسين، اڄ بيگ پيڪ ذري گهٽ خالي آهي. اميد ته واپسيءَ تي ڀريل هوندو!

هاڻي گهروارن ۽ ڪجهه ويجهن دوستن سان فون تي ڳالهائيم. فيس بڪ تي اسٽيٽس اپ ڊيٽ ته لابي ۾ ايندڙ شرط اپ لوڊ ڪري ڇڏيم! ڪالهه کان فيس بڪ کي بند ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌون پيا ڏسجي ته ڪٿي ٿو دنگ ٿئي!

وقت رات جا 11:05:

جهاز ۾ اچي ويٺا آهيون، سهڻيون ننڍيون نيٺيون ثقافتي لباس ۾ ملبوس ايئرهوسٽس آڌر ڀاءُ ڪن پيون ۽ سهڪار به ڪن پيون، چند نوجوان ايئرهوسٽ به ڪم ۾ جنبيل آهن. ٿائي لباس به سهڻو آهي. ننڍڙي چولي ۽ لمبو اسڪرٽ! چولي اڪثر لسي ڪپڙي جي ۽ اسڪرٽ ڇر تي پائين.

آچر 12 مارچ 2017

فلائيٽ تقريباً چار ڪلاڪن ۾ اچي بينڪاڪ ايئرپورٽ تي لاٿو. ان وقت پاڪستاني ٽائيم موجب رات جا ساڍا ٽي ۽ ٿائي ٽائيم موجب ساڍا پنج پئي ٿيا، اميگريشن مان واندا ٿي، عاصم جو سامان کڻي ٽيڪسيءَ لاءِ ٻاهر نڪتاسين.  ٽيڪسيءَ لاءِ مشين مان نمبر تي پرچي ڪڍڻي هئي. عاصم جعفري آڪسفيم ۾ ٽيڪس جي پروگرام جو مينيجر آهي. جنهن تربيت ۾ آيا آهيون ان ۾ منهنجو نالو ٽيڪس جي پروگرام هيٺ ڏنو ويو آهي، سندس پنهنجو به ملڪن ڏسڻ ۽ گهمڻ جو تجربو وسيع آهي ان ڪري هو پنهنجي ساٿي تنظيمن کي به انهيءَ ريت کڻي هلي ٿو.

عاصم جو خيال هو ته هوٽل چيڪ ان ٿجي. سندس اڄ جي پروگرام ۾ آرام ڪرڻ، ٿڪ لاهڻ، ڊگهو پنڌ ڪرڻ ۽ خريداري ڪرڻ شامل هئا. پر آءُ گهران ئي پروگرام ٺاهي آئي هيس ته جيئن ته صبح سوير لهون پيا ۽ سڄو ڏينهن هوندو سو آءُ هوٽل وڃڻ بدران سڌو پتايا شهر هلي ويندس ۽ هوٽل اچي شام جو چيڪ ان ٿينديس. نيٺ اسان ٻنهي الڳ الڳ ٽيڪسي ڪرائي پنهنجي راهه ورتي. ايئرپورٽ کان پتايا بيچ تائين پهچڻ ۾ تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو. بيچ سهڻو آهي،ڀلو پاڻي، ان ۾ وهنجندڙ مرد ۽ عورت سياح، پاسن کان آرام ڪرسيون لڳل  جن  تي اڪثر سياح اهليا پيا هئا. ننڍڙن هٽن تي اڪثر عورتون ڪم ڪندي نظر پئي آيون جن ناريل پئي وڪيا. ناريل ۽ ناريل جو وڻ هتان جي سڃاڻپ ۽ خوبصورتي آهن. روڊ جي ٻئي پاسي هوٽل، ريسٽورانٽ، بيئر بار جون قطارون آهن، جن تي پڻ اڪثر ڇوڪريون نظر اينديون. هر هوٽل ۽ ريسٽورانٽ جي اڳيان هو پنهنجي مذهبي سنوڻ موجب ٻڌ جي يا ڀڳوان جي مورتي ۾ آرٿي رکن ٿا ته جيئن صبح جو آغاز ڀڳوان جي نالي سان ڪرڻ سان سڄو ڏينهن برڪت وارو گذري. عجب لڳم ته ڀڳوان جي سامهون کائڻ ۽ پيئڻ جون شيون کولي رکي پئي ويا. شايد سندن عقيدي موجب ڀڳوان ڪنهن وقت اهو کاڌو کائيندو هوندو يا وري جنهن جو کاڌو کائيندو هوندو ان تي انجي خاص ڪرپا هوندي.

هتان جا ماڻهو انگريزي سمجهن ئي ڪونه، رڳو سندن مقامي ٻولي هلي ٿي جنهن ڪري اسان جهڙن سياحن کي مڙيئي ڪجهه تڪليف ٿئي ٿي، باقي جيڪي کڙپيل سياح آهن سي ته ان ماحول مان لطف ماڻين ٿا.

ڇوڪريون ۽ عورتون ڄڻ ته هر آئي ويئي کي پيون پاڻ آڇينديون، سندن لباس به ان قسم جا هوندا، جنسي سياحت ڄڻ سندن پيشو هجي ۽ ان کي ڪنهن به برو نٿي سمجهيو.

مساج ۽ ٽيٽو ٺهرائڻ جا جام دڪان هئا ۽ سياحن خريداريءَ سان گڏ اهي مزا به پئي ماڻيا.

هينئر پتايا بيچ جي سامهون هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويٺي آهيان، ٻن انڊن ۽ ڪافيءَ سان ناشتو ڪيو اٿم، سامهون سمنڊ ۾ مختلف ٻيڙا ۽ موٽر بائيڪون پيون ڊوڙن ۽ وڏن وڏن ڦوڪڙن تي ماڻهو پيا اڏامن، ٿوري دير کانپوءِ آءُ به اتي هونديس.

هڪڙي ڳالهه جنهن منهنجي من کي مايوس ڪري وڌو آهي سو هتان جي غربت آهي، هتي به پهچي هتان جي مقامي ماڻهن ۽ عورتن کي ڏسي مونکي سنڌ جون مهاڻيون ۽ انهن جي حالت ياد اچي ٿي. بس هت سياحت ڪجهه هنن کي جهلو ڏنو آهي باقي صورتحال ڏکي آهي، روڊن ۽ هوٽلن جي ڀرپاسي ۾ فٽ پاٿن تي عورتون مختلف شيون وڪڻندي نظر اچن ٿيون.

منجهند جو ڏيڍ

هتي پتايا ۾ منجهند جو ڏيڍ ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ صبح جا ساڍا يارنهن ٿيا آهن. يعني ٿائلينڊ، پاڪستان کان ٻه ڪلاڪ اڳتي آهي.

لانچ جو سفر ڪري پيراشوٽ تي به چڪر لڳائي آئي آهيان، هڪ لمحي لاءِ لڳو هيم ته ڄڻ هاڻ هٿ ڇڏائجي ويندا ۽ اجهو ٿي ڌو ڪري سمونڊ ۾ ڪران. ترڻ به ڪونه ٿو اچيم، ڇا ٿيندو ڪا خبر ناهي! بس موت کي اکين اڳيان ڏسي بنهه قابو هٿ سڪ ڪري جهليو بيٺي رهيس ۽ دعا ٿي ڪيم ته بس جلد ئي لاهين ته جان ڇٽيم.

“هوءَ هوائن ۾ پئي اڏاڻي،

ڄڻ دل هندورن ۾ پئي اڏاڻي،

ديس سارونيڻ نڪتو

فضا جو هرڪو سيڻ نڪتو

پتايا پئي مرڪيو سڄڻ

يا پي پيالو هر نيڻ نڪتو.”

 

هڪڙي شاعره دوست اهو شعر پتايا ۾ پيراشوٽ واري تصوير ڏسي لکي اماڻيو آهي.

 

جڏهن لانچ تي چڙهيس ته مونکي اهڙي سرهيائي محسوس ڪانه ٿي جهڙي پهريون ڀيرو جڏهن خانپور ڊيم ويس تڏهن ٿي. خانپور ڊيم جو خوبصورت نيرو پاڻي اندر ۾ سرهيائي جي لهر ڀري ڇڏي هئي، پر ظاهر آهي ته اهو ڊيم جو پاڻي هيو ۽ سڄو هٿراڌو منظر جوڙيل هو. جڏهن وڃي جيٽي تي لٿس جتان پيراشوٽ ۾ اڏامڻو هو ته مون کي ڪيٽي بندر ۽ منوڙو ياد آيا، ساڳيا ماڻهو، ساڳيو سڀاءُ، ساڳيو ماحول، بس ٻولي ٻي پئي ڪين.

مونکي هر وقت خطرو هو ته هتي هُتي بيگ رکڻ سان ڪٿي سامان يا پئسا هيٺ مٿي نه ٿي وڃن پر سندن ايمانداري مونکي موهيو!

شايد بي ايماني ۽ بد ديانتي جو عنصر امير ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو، هي آهن ته غريب پر ٻڌمت جا پوئلڳ آهن ان ڪري اها شيءِ منجهن ڪانهي. مونکي مٿن هندو ازم جو به گهڻو اثر نظر آيو. سندن سڀاءُ نيپالي ماڻهن جيئان سادو ۽ سلوڻو آهي. مهرباني پاڻ سنڌي هندن وانگر هٿ ٻڌي ادا ڪن ٿا.

گهڻي گرمي جي باوجود به سياحن جي رش هڪ لحظي لاءِ به ناهي گهٽجي، اسان جا حڪمران رڳو پنهنجي سياحت وارن جاين تي توجهه ڏين ته به ملڪ جي اقتصاديات چڙهي پوندي. ظاهر آهي ته اهي به ضرور هنن جاين تان گهمي ويا هوندا ته کين ڇو اهڙيون سوچون ذهن ۾ نٿيون اچن.

هتي ريسٽورانٽ ۾ جيتري دير کپي ويٺو هج، ويٺو لک پڙهه، کاءُ پيءُ ۽ ڪچهري ڪر، ڪير به اوهان کي اٿڻ لاءِ نه چوندو، ڀلي سڄو ڏينهن ڇونه گذري وڃي.

هتي جي ڪرنسي باٿ آهي. هڪڙو باٿ پاڪستاني اڍائي رپين جي برابر آهي، سو مون کي ته ڄڻ هر شيءِ مهانگي پئي لڳي.

سوير ريسٽورانٽ ۾ هڪڙو آمريڪي ڊاڪٽر برين اينٽنيلو گڏيو جيڪو هاڻي ڪم چين ۾ پيو ڪري، چئي “آءُ رڳو ٻن ڏينهن جي ڇٽي تي گهمڻ آيو آهيان جو ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيو هوس” .مونکي جو لکندي ڏٺائين ته پاڻ اچي کيڪاريائين ته تون ڇا ڪو جرنل پئي لکين، چيومانس ته سفرنامو پئي لکان چيائين مون سان ضرور ونڊجئين، ٻڌايو مانس ته سنڌياڻي آهيان ۽ سڄو دفتر سنڌيءَ ۾ لکيل آهي، بهرحال سڄي دنيا جا حال احوال ڪياسين.

سومر 13 مارچ 2017

اڄ تربيت جو پهريون ڏينهن هو. آڪسفيم ٿائلينڊ جي تحقيق جي مينيجمينٽ  ورڪشاپ جي شروعات وقت تي ڪئي. جڏهن ته ڊيبرا آڪسفيم جي بي ۽ ڪنيش مولي تحقيق جا مقصد، آڪسفيم ۽ تحقيق، تحقيق جا مسئلا، تحقيق جا مختلف طريقا انهن تي انتهائي مفيد معلومات فراهم ڪئي، جيڪا اميد اٿم ته ڪافي ڪم ايندي. ڊيٽا جا ذريعا ۽ اها ڊيٽا ڪيئن پڙهجي ۽ ان جو تجزيو ڪجي انتهائي اهم هئا. ڪجهه عرصو دل ٿي چوي ته ويهي تحقيق جو ڪم ڪجي، لکجي پڙهجي ۽ دنيا کي ڌوڏجي.

ورڪشاپ پوري ٿي. هتي هينئر شام جا 6 لڳي 10 منٽ ٿيا آهن ۽ پاڪستان ۾ چار لڳي 10 منٽ. آءُ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي آهيان ۽ سفرنامو پئي لکان. تقريباً اٺن ملڪن جا ماڻهو هن ورڪشاپ ۾ گڏ ٿيا آهن جنهن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، ڪمبوڊيا، لائوس، فلپائن، انڊونيشيا ۽ آسٽريليا شامل آهن. هاڻي سوچيون پيا ته هيٺ مارڪيٽ وڃي ڪا خريداري ڪجي.

منجهند جو مانيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪيڪڙو کاڌم، ڏاڍو لذيذ هو، اهو به سکيو اٿم ته جڏهن به ٻاهرين ملڪ وڃجي اتان جو کاڌو کائجي، اسان جا ماڻهو ٻاهرئين ملڪ وڃي وري پاڪستاني يا انڊين کاڌي جي تلاش ڪندا آهن، اهو ته گهر ۾ به سڄو ڏينهن پيو کائجي، مختلف کاڌا کائجن ۽ ان جو لطف ماڻجي ڇاڪاڻ ته کاڌو ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي ۽ کاڌو کاڌو هوندو آهي، مسلمان ۽ هندو بعد ۾ هوندو آهي، کاڌي جو ڪهڙو مذهب، انسانن جيئن ماڻهن ۽ ملڪن کي هندو ۽ مسلمان بڻايو آهي تيئن کاڌي ۽ ڪپڙي کي به مذهبي رنگ ۽ ڍنگ ڏيئي ڇڏيا اٿن. ماڻهو زور آهي!

رات 11 لڳي 30 منٽ (پاڪستاني 9 لڳي 30 منٽ)

شام ساڍي ڇهين ڌاري خريداريءَ لاءِ نڪتاسين جيئن پاڪستان ۾ آٽو رڪشا ۽ چنگچي آهن تيئن هتي ٽُڪ ٽُڪ آهي. ٽڪ ٽڪ رڪشا ۽ چنگچي ٻنهي کان خلاصي آهي، هتي به ٽڪ ٽڪ ڊرائيور ڪراچيءَ جي رڪشا ڊرائيورن وانگر وڏا ريٽ ٻڌائيندا پوءِ جيڪو جتي ڦاٿو. بارگيننگ ڏاڍي آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ صدر ۽ زينب مارڪيٽ آهن تيئن وري هتي ايم بي ڪي مارڪيٽ آهي، ڪو خاص مزو ته ڪونه آيو پر بس گذارو هو.

14 مارچ 2017

اڄ تربيت جو ٻيون ڏينهن آهي اڄ ويٽنام جو آڪسفيم ايڊوائيزر لي به تربيت ۾ اچي شامل ٿيو آهي.

تربيت جو ٻيون ڏينهن به سٺو رهيو، وچ ۾ ٿوري بوريت ٿي پر پوءِ بعد ۾ ٺيڪ ٿي ويو. ان سان گڏوگڏ ٿلهو ٿڪو آفيس جو ڪم به اڪلايوسين پئي، ٽيڪس پراجيڪٽ ۾ ايندڙ فلم فيسٽيول جو ايجنڊا فائنل ڪري موڪليوسين، پٺيون سڀئي اي ميلون به ڏٺم. واٽس ايپ تي ٺهيل گروپن تي لهه و چڙ به ڪئي، گهروارن سان به ڳالهايو. مهدي سان به واٽس ايپ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. سوچيان پئي ته امان سان به ڳالهايان.

امان کي فون ڪريان پئي واٽس ايپ تي پر کڻي ئي ڪونه پئي. موبائل، انٽرنيٽ، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ هن صديءَ جا سائنس جا وڏا معجزا آهن. اڄ کان تقريباً ڏهه سال اڳ يوڪي ويئي هيس ۽ پورو مهينو اتي ترسي هيس، حفيظان وارن سم به وٺي ڏني هئي پر تنهن هوندي گهروارن سان ائين رابطو نه رهيو هاڻي مفت وائي فائي تي روز گهروارن سان ڳالهائجي به پيو ته تصوير به پئي ڏسجي.

اڄ ٻنپهرن جي ماني تي ويٽنام مان آيل آڪسفيم جي همراهه سان ڪچهري ٿي، جڏهن کيس ٻڌايم ته مون ننڍي هوندي ئي هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي پڙهي ڇڏي آهي ۽ هوچي منهه کي آءُ پنهنجو هيرو سمجهان ٿي ۽ اسان جي ڊرائينگ روم ۾ به هوچي منهه جون تصويرون لڳل آهن ته همراهه حيران ٿي ويو. چيائين اها منهنجي لاءِ نئين ڳالهه آهي.

لائوس مان آيل ٿام سان ميڪانگ درياهه بابت ڪچهري ٿي، لائوس سان به اهو ئي حشر آهي پاڻيءَ جي مامري ۾ جيڪو سنڌ سان آهي، اسان وٽ ڪالاباغ ڊيم ۽ وٽن بينگ ڊيم جو مسئلواهم آهي. ان ڊيم کي ٺاهڻ لاءِ جيئن اسان وٽ به عالمي بينڪ جي وڏي رقم مختص ٿيل هئي تيئن پاڪ بينگ ڊيم لاءِ به ٿائي بينڪن، عالمي بينڪ جي مدد سان وڏي رقم مختص ڪئي آهي، هو صفا نااميد هو چيائين ته اڳي به زايا بولي ۽ ڊين ساهونگ نالي ڊيم گهڻي مزاحمت جي باوجود به ٺهي ويا هي به ٺهي ويندو. هاڻي ته نه ڪا تنظيم ۽ نه ماڻهو مزاحمت ڪن ٿا سڀني ڄڻ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ڇاڪاڻ جو ڇا به ڪجي ڊيم ٺهندو! مون کيس ڪالاباغ ڊيم ۽ انڊيا ۾ هلندڙ ڊيمن خلاف تحريڪ جو ٻڌايو ته ڄڻ حيران پئي ٿيو. ٿائيلينڊ کان لائوس پنهنجي گاڏي تي ستن ڪلاڪن جو پنڌ آهي.

تاريخ موجب ويجهڙ ۾هي سڄو علائقو آمريڪي آمريت هيٺ رهيو آهي. آمريڪين هن کي ترقي به ڏاڍي وٺرائي آهي. بهترين بلڊنگون، انفرااسٽرڪچر پر گڏوگڏ عورت کي تذليل جي حد تائين ڪيرائي ڇڏيو اٿائين. پتايا ۾ به اڄ به مونکي اڪثر پوڙها پوڙها آمريڪي ٿلها پيٽ کنيو ننڍين نيٽين ڇوڪرين پٺيان چريا نظر آيا. ٿائي ۾ ڪرائيم ريٽ تمام گهٽ آهي سڀئي ماڻهو محنتي آهن چوري ڪرڻ ۽ پنڻ کان پري آهن. جڏهن پتايا ۾ پيراشوٽنگ لاءِ پئي ويس ته منهنجو ٿيلهو ٻيڙي واري چيو ته ڀلي ٻيڙي ۾ ئي پيو هجي، ڇڏڻ کي ته ڇڏيم پر کٽڪو پئي ٿيم ته پرس مان پئسا نه چوري ڪري ڇاڪاڻ جو ان ۾ ان وقت 700 ڊالر يعني پاڪستاني ستر هزار ۽ ڪجهه ٿائي باٿ الڳ پيا هئا پر جڏهن موٽيس ته پهرين اچي پرس جي چڪاس ڪيم پرسڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ دائم هو .اکيون اتي ئي هيون جتي ڇڏي ويئي هيس! سو هي ماڻهو محنتي آهن، فٽ پاٿن تي اڪثر عورتون کاڌي پيتي جا ۽ ٻين ننڍڙين شين جا دڪاندڙا لڳايو ويٺيون آهن، سخت محنت ڪن ٿيون پر ڪڏهن به پنڻ جو نٿيون سوچين. ننڍڙيون ننڍڙيون ڇوڪريون اچيو بازار ۾ پنهنجا دام هڻائين، پاڻ وڪڻيو ڇڏين پر نه چوري ڪن ۽ نه پنن!

 

زندگي ۾ پهريون ڀيرو ايئن عورتن جي خريداريءَ جي بازار سجيل ڏٺم، ڀڙون ۽ نائڪائن ذريعي سندن اگهه پئي طئي ٿيا. منهنجي ذهن ۾ ته هي سٽون لڙي آيون.

“عورت ني مرد ڪو جنم ديا

مرد ني اسي بازار ديا!”

اڄ اکين ڏٺم! پنهنجي ڪوليگ کي چيم ته انهن سان ڳالهائي جيڪڏهن اڌ مني ڪلاڪ لاءِ اجازت ڏين ۽ گهٽ پئسا وٺن ته آءُ ڪنهن به هڪڙي ڄڻيءَ جنهن کي انگريزي ايندي هجي ان سان ڪچهري ڪرڻ چاهيان ٿي، ڀڙوو اسان کي سامهون واري گهٽيءَ ۾ هڪ وڏي جاءِ ۾ وٺي هليو جتي ٻاهر لڳل صوفا تي اسان کي ويهاريائين. اسان جي سامهون ڏهه يا ٻارنهن جوانڙيون تيار ٿيو ويٺيون هيون ۽ پنهنجي اگهه لڳڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون. نائڪا اچي ڳالهايو. چون 2500 باٿ. مون چيو 1000 . چون 2500 ۾ ڇوڪري، ڪمرو، مساج ۽ وهنجڻ سڀ شامل آهي پيڪيج ۾. اسان جو چيو ته اسان کي رڳو ڇوڪري کپي پر اها به ڪچهري ڪرڻ لاءِته ڄڻ ڀڙوو ۽ نائڪا ٻئي اسان جي ڳالهه کي ڪوڙ پيا سمجهن ته هي ڪو ٺلهو ڪچهري ڪندا. بهرحال پئسن تي ڪونه ٺهياسين ۽ نيٺ ٻاهر نڪري آياسين. هتي ته ڪو انقلابي سوشلسٽ گهرجي جيڪو هنن  کي ان تذليل مان ٻاهر ڪڍي. اهو آهي تحفو دنيا جي امير ترين ۽ طاقتور ترين اجگر جو!! هو جهڙي ريت هت اچن ٿا ۽ هنن کي استعمال ڪن ٿا ته لڳي ٿو ته ڄڻ اڄ به هي سندن ڪالوني آهي.

15 مارچ 2017 اربع:

اڄ تربيت جو ٽيون ۽ آخري ڏينهن آهي. اڄ شام 6:45 منهنجي واپسيءَ جي فلائيٽ به آهي، سو هتان تقريباً 3 بجي مون کي روانو ٿيڻو پوندو. خريداري به مزي واري ڪانه ڪئي اٿم. پر هاڻي جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو.

دريءَ مان ٻاهر مين روڊ نظر اچي ٿو. صبح ساڻ گاڏين جي رش آهي جيڪا رات تائين ايئن ئي هلندي.

خبر ناهي پر اڃا ڪجهه ڏينهن وڌيڪ هتي رهڻ تي دل ٿي چوي. هاڻي واپس وڃي جيڪڏهن الطاف شيخ ٿائلينڊ تي سفرنامو لکيو آهي ته ضرور پڙهنديس، منهنجو سفر نامو پڙهي اوهان ضرور ٻڌائجو ته آءُ ڪيترو انصاف ڪري سگهي آهيان ۽ اوهان کي هن سفر نامي ڪيترو مزو ڏنو.

16 مارچ 2017:

رات تقريباً 10 بجي ڌاري پاڪستاني وقت مطابق اچي لٿس. هوائي اڏي تي نويد ۽ هالار ڇڏڻ به آيا هئا ته وٺڻ به! سفر بس ڪجهه ٿڪائيندڙ رهيو ان ڪري جو ٿائي ايئرلائن جي جهازن جون سيٽون اسان وٽ عام جام هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن ويندڙ ڪوچن جهڙيون هيون، سوڙهيون اڀيون ٽبيون! ان کان بهتر ته ڊائيوو جون سيٽون آهن. ايمريٽس جون سيٽون ڪافي بهتر هونديون آهن ڊگهيري ماڻهو آرام سان سمهي پوي. هي ته پوري طرح پٺتي به ڪانه ٿي ٿيون. ان کان علاوه ويندي مهل دري واري سيٽ ته ڪانه ملي پر ٻن واري گڏيل سيٽ تي ڪنڊ واري سيٽ ملي پر واپسيءَ تي وچ واري پنجن جي لائن ۾ ڪابه ڪنڊ واري سيٽ ڪانه هئي. سو ڪنڊ واري سيٽ ڇڏي ٻيون نمبر سيٽ مليم. سون تي سهاڳو جو سڄي لائن ۾ آءُ هڪڙي عورت باقي مرد هئا، منهنجي پاسي واري ڪنڊ واري سيٽ تي مولانا ذاڪر سان ملندڙ جلندڙ پينٽ شرٽ، وڏي ڏاڙهي ، مڇن چٽ سان هڪڙو مُلو آيو. عرض ڪيومانس ته ڇا اها ڪنڊ واري سيٽ مون کي عنايت ڪرڻ فرمائيندا. همراهه بنهه نابري واري بيهي رهيو. وڌيڪ چوڻ مون به مناسب نه سمجهيو. همراهه جهاز هلڻ شرط سيٽ تي ويٺي ويٺي نماز پڙهڻ شروع ڪئي ۽ لڳو ته سمورا فرض، سنتون ۽ نفل پڙهائين. ان وقت خيال ذهن ۾ گردش ڪندا رهيا ته ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن جن جي دٻ رڳو نمازن تي آهي باقي تر جيترو به ڪنهن کي ڪم ته اچي نٿا سگهن. خير انسان بهرحال انسان آهي ۽ اسان جو ان گولڙي کي پريان کان سلام آهي.

منهنجي ساڄي پاسي هڪڙو ٿائي اچي ويٺو. انگريزي کين اچي ڪانه  جي نه ته ڪچهري ڪريانس ها. جهاز هلڻ کان پوءِ آئون به انگريزي فلم “The fault in our Stars يعني اسان جي ستارن ۾ گردش” هلائي ويهي ڏٺم. ڳچ زماني کان گهر ۾ فلم ڏسيو ڪونه سگهان جو ٽي وي ٻارن جي ۽ گهر ۾ موجود ٻين ماڻهن جي حوالي هوندي آهي ۽ فلم ڏسڻ جو ماحول به الائي ڇو گهر ۾ جڙي نٿو. سو مون کي جهاز جي سفر دوران فلم ڏسڻ ڏاڍو مزو ڏيندو آهي. ان فلم ۾ ڪينسر مان گذرندڙ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پيار ڪهاڻي کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ فلمايو ويو آهي. ان کان پوءِ هڪڙي انگريزي مزاحيه فلم  (when Harry meets Sally) يعني “جڏهن هيري مليو سيلي سان” ڌٺم. ان ۾ مزو آيو. اها فلم ڏسندي ڏسندي آخر ۾ اک لڳي ويم، اچي ايئرهوسٽس اٿاريو ته سڌا ٿي ويهو هاڻي ٿوري دير ۾ جهاز هيٺ ٿو لهي.

ڊگهو سفر به هڪ غنيمت آهي ڇاڪاڻ جو ان دوران اوهان ذهني طورڪيترين ئي شين کان آسوده ٿي پنهنجي بابت پنهنجي زندگي، ماضي، حال ۽ مستقبل بابت سوچيو ٿا، پور پچايو ٿا ۽ جڏهن واپس موٽو ٿا ته انهن سپنن جي ساڀيان لاءِ جاکوڙيو ٿا. اها ئي زندگي آهي!

 ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ٿڪن جا، ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

واري ساري واٽ، نه ڪائي ڇانو نه ڪائو ڇاٽ

ڊگهي آ واٽ

ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ٿڪجن ٿا،

ٿر ۾ ڪهڙو ٿاڪ!