اچو ته پتڪڙا ڪم ڪريون

 

انگريزي ۾ چوندا آهن ته ” روم ڪو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪونه ٺهيو“بيشڪ روم کي ٺاهڻ جو آغاز ان پهرئين هڪڙي قدم سان ٿيو، جيڪو ان ڏس ۾ کنيو ويو هو. جڏهن هڪڙو هڪڙو قدم ملي ٿو، کڄي ٿو ته اهي گڏجي سوين، هزارين، لکين ۽ ڪروڙين قدم ٿيو پون. انکي چئبو آهي ڦڙي ڦڙي تلاء! بس جنهن شي جو قدر ڪرڻو آهي سو آهي ئي اها ڦڙي. جنهن ذري جو قدر نه ڪيو سو خرارحاصل نه ڪري سگھندو. ميٽرڪ ڪلاس جي نصاب ۾ هڪڙو ڏاڍو سهڻو نظم آهي ” لٽل ٿنگس“ يعني ”ننڍڙيون ۽ پتڪڙيون شيون“. انجو حاصل مطلب به اهو ئي آهي ته ٻج ته ننڍڙو آهي پر جڏهن اهو اسري ٿو ته وڌي وڻ ٿيو پوي. ساڳئي ريت پتڪڙيون ڦڙيون ملي درياه ۽ سمونڊ ٺاهيو وجهن انڪري ننڍڙيون شيون انتهائي اهم آهن. هڪڙي ننڍڙي مسڪراهٽ اسان کان ته ڪجهه ڪونه کسيندي پر سامهون واري کي گھڻو ڪجهه ڏيئي ويندي. اچو ته ننڍڙا پتڪڙا ڪم ڪري پنهنجي زندگي کي خوبصورت بڻايون، ڪنهنکي خبر ڪا پل زندگي! ڇو نه پل پل جيون جو جيء جي، ڇو نه گھڙي گھڙي کي حسين بڻائجي، ڇو نه اڄ هتي ۽ هينئر ۾ ايمان پختو ڪجي!

ڪنهن سچ ئي چيو آهي ته خوبصورتي ڏسڻ واري جي اکين منجهه هوندي آهي ڇاڪاڻ جو سونهن انسان جي اندر وسي ٿي۽ جڏهن انسان پنهنجي اندر کي خوبصورت بڻائي ٿو، انکي اجاري ٿو ته اهو اجالو سندس آسپاس جي ماحول تي پڻ اثر انداز ٿيڻ کانسواء ڪيئن رهي سگھندو. لطيف چيو آهي؛

اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون

سڀ کان اول پنهنجو پاڻکي روشن خيال نظرين ۽ سوچن سان روشناس ڪرائڻو آهي. جيڪو وڻي سو ٿجي پر سڀ کان اول انسانيت جو نظريو هئڻ جڳائي. اسان پنهنجي زيردست ۽ پاڻ کان ڪمزور ۽ هيڻي کي بي عزت ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندا آهيون. عورتن، ٻارن ۽ جانورن کي مارڻ ته اسان وٽ خير صلا جي ڳالهه آهي. ٻار جو ڪو ڏوه هجي نه هجي پر انکي ڊسپلن ۾ آڻڻ لاء ان کي ڌڙڪو ڏيئي ئي ڳالهائڻو آهي، ڄن ته انجي ڪا به عزت نفس ئي ڪانهي. زال کي هروڀرو به موچڙو نه هڻبو ته مائي مٿي تي ڪانه چڙهي ويندي؟! ڪتي، ٻلي ۽ گڏه سان ته ڌڪ کان گھٽ ڳالهه ڪرڻي ناهي. جيڪڏهن انسانيت جي ناتي، سڀني ماڻهن کي عزت ڏيون ۽ پنهنجو پاڻ تي اهو اصول لازم ڪري ڇڏيون ته ڪنهن به ماڻهو جي عزت نفس مجروح ناهي ڪرڻي، ڪنهن کي به چاهي اهو زيردست هجي يا اسانکان هيڻو هجي، عورت هجي يا ٻار ۽ ٻڍو، غريب هجي يا مسڪين ۽ يتيم، انکي تڙي ناهي ڏيڻي، حساس طبقن جي نمائندگي ڪندڙن کي، اقليتن ۽ خواجه سرائن کي اڙي ڪري ناهي ڳالهائڻو ، ڪو بي زبان جانور هجي يا انسان انجي به حق کي تسليم ڪرڻو آهي ته اها آهي ته تمام ننڍڙي ڳالهه پر اها اسانجي سماج کي هڪڙي مهذب معاشري ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي. ساڳئي ريت پنهنجو ڪم پاڻ نه ڪرڻ پڻ وڏيرائپ جي نشاني آهي. ڀائر چڙهيا ويٺا هوندا ته ڀيڻون پاڻي جو گلاس به ڀري پيارين. ماني کائي ٿانو کڻي رڌڻي ۾ نه ڇڏبا. جي اهي موذي مرض پاڻ مان ۽ پنهنجي ٻارن مان تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته سمجهو منزل ماڻيسين.  

اسانجو ملڪ موسم جي لحاظ کان ڪيڏو نه گرم آهي. موسمياتي تبديلين جي ڪري ته وري وڃي ٿو ويتر گرم ٿيندو. جون جولائي ته اصل گرمي جا جن آهن. جيڪڏهن هر ماڻهو گھر جي اندر توڙي ٻاهر ٻوٽا پوکي ته نه فقط سندس گھر جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو پر جيئن ته ٻوٽا آڪسيجن ڇڏين ٿا ته ماحول به صحتمند ٿيندو ته مجموعي طرح ماحول جي گرمي جي شدت تي به وڏو اثر پوندو. ٻيو نه رڳو هر ماڻهو پنهنجي سالگره تي هڪڙو وڻ لڳائي ، پنهنجن ٻارن ۾ به اها عادت وجهي ۽ انهن جي سالگره تي کانئن ٻوٽا پوکرائجن ته اها ڄڻ سندن عادت بڻجي پوندي. دوست يار جيڪي سندن سالگره تي اچن ٿا تن کي اهو پيغام ٺاهي موڪلجي ته پاڻ سان تحفي طور ٻيو ڪجهه نه پر هڪڙو ٻوٽو کنيو اچن ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟ پنهنجي ماء پي جي سالگره تي انهن جي نالي جي ٻوٽي لڳائڻ کان وڌيڪ سهڻو تحفو ڪهڙو هوندو؟

اتفاق سان ڪجه سال اڳ، مهينو کن انگلينڊ ۾ رهڻ جو موقعو مليو جنهن ڪري ويجهڙائي سان انهن جي ڪلچر کي به ڪجه نه ڪجه سمجهڻ جو اتفاق ٿيو. ڌٺم ته ماڻهن وڻ لڳائڻ ۽ تن کي سنڀالڻ ڄڻ پنهنجي عادت ڪري ڇڏي آهي. تقريبن هر گھر کي اڳيان توڙي پٺيان باغيچو رکن ٿا. اڳيان واري باغيچي ۾ گل ٻوٽا پوکن ٿا ۽ پٺيان وارو ڪچن گارڊن آهي يعني رڌ پچاء جو باغيچو جنهن۾ ڀاڄيون ۽ ميوا پوکجن. ان کان علاوه گھر جي دروازن اڳيان، ڇڪن ۾ مختلف طريقن سان ننڍڙن رنگ برنگي گلن وارا ٻوٽا ٽنگين ٿا، جنهنڪري ماحول چوطرف معطر بڻجيو پوي. ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مثبت ۽ خوبصورت ماحول ، مثبت سوچن کي جنم ڏيئي ٿو ۽ اهڙين سوچن کي مضبوط ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن اسانجون اين جي اوز ۽ ڳوٺاڻيون تنظيمون سال ۾ هڪڙو ڀيرو علائقي ۾ وڻن لڳائڻ جي مهم جي روايت وجهن ته به ڪر واھ واھ ٿي پوي. هر ماڻهو اهو پڪو پھ ڪري ڇڏي ته پنهنجي سالگره تي هڪڙو وڻ لڳائبو ۽ ان جي سار سنڀار ڪبي ته ڪر ملڪ سڄو ملير ٿي پئي. اهي بنھ پتڪڙيون ڳالهيون آهن، جن تي نه ايڏو خرچ آهي نه وري وقت جي سيڙپ پر جي ٿي پوي ته ماحول ۾ وڏي تبديلي اچي سگھي ٿي. ساڳئي ريت گند ۽ ڪچري جو مامرو آهي. وڏين فيڪٽرين کانوٺي عام ماڻهو تائين هر ڪو پنهنجو گند ۽ ڪچرو جتي وڻي اتي ٿو ڦٽي ڪري. ڏسندي ئي ڏسندي  اسانجو سمونڊ، درياه ، ڍنڍون ڍورا گند جا ڍير بڻجي پيا آهن. فيڪٽريون ته مجرماڻي طريقي سان غيرقانوني طور تي ان عمل ۾ رڌل آهن، جن کي ٻنجو ڏيڻ سرڪاري عملدارن جو ڪم آهي. پر اسان مان هر هڪ ماڻهو پنهنجو حصو ائين وجهي سگھي ٿو ته پاڻ به ڪچرو گند جي دٻي ۾ اڇلائي ۽ ٻارن کي به سيکاري ته لازمي اهي ائين ڪن. سفر دوران گاڏي مان ڪچرو ٻاهر اڇلائڻ، واٽ ويندي چپس ۽ ٽافي کائيندي انجي ٿيلهي درياه ۾ ڦٽي ڪرڻ ، باغ ۾ جتي ويهبو اتي ڦلين جي ڪچري جو ڍير ڇڏي اٿڻ ڄڻ ته خير جي ڳالھ هجي ۽ اها هاڻ اسانجي نسل در نسل عادت پڻ بڻجي چڪي آهي. ڪرڻو صرف ايترو آهي جو پاڻ سان عهد ڪرڻو آهي ته اها عادت مٽڻي آهي، شعوري طور ان لاء ڪوشش وٺڻي آهي، ٻارن کي سيکارڻو آهي. اوهان ڏسندو ته آهستي آهستي اها اوهانجي توڙي ٻارن جي عادت پختي ٿيندي ويندي ۽ ان ريت سڄي قوم ان موذي مرض مان جند آجي ڪري سگھندي. ڪيئن ٿا ڀانيو؟ آهي ته ننڍڙو ڪم پر انجو اثر تمام وڏو آهي.

 

انگلينڊ، يورپ ۽ دنيا جي اڳتي وڌيل ملڪن جا ماڻهو  ، مرد توڙي عورتون ، ٻار توڙي ٻڍا سخت محنت ڪن ٿا. ماٺ ويهڻ سندن مزاج ۾ ئي ڪونهي. سمهي کٽون ڇنڻ سکيا ئي ڪونه. نوڪرن رکڻ جو سڄي يورپ ۾ رواج ئي ڪونهي ڇاڪاڻ جو اتي انساني پورهيو انتهائي مهانگو آهي. هر ڪم پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو منجهن سستي ڪونهي. صحتمند جسم ئي صحتمند ذهن جو ضامن آهي. مرد مايون گڏجي  ڪمائين، گڏجي گھر جو ڪم ڪار ڪن، رڌي پڪي گڏجي ڪن ۽ ان۾ ڪو عار محسوس ڪونه ڪن. وٽن اسان جيان ڪم ڪرڻ شرم جي ڳالھ ناهي بلڪه ڪم نه ڪرڻ شرم جوڳو فعل آهي. پورهئي ۾ ڪهڙو عيب! ڪم ڪم آهي انجون ڪي به درجا بنديون ناهن ٿيل ته فلاڻو ڪم عظيم آهي ۽ فلاڻو هيچ! اسان وٽ ته نوڪرن جو هجڻ به اسٽيس ۾ شامل آهي. وڏيرڪو نظام هر پل اسانکي سيکاري ٿو ته ڪم نه ڪرڻ سٺو فعل آهي. مائٽ نياڻي اتي پرڻائيندا جتي کيس نوڪري نه ڪرڻي پوي. مرد جيڪو گھر جو وڏيرو آهي سو ڀلا گھر جو ڪم ڪيئن ڪندو. جي ڪندو ته ان سان سندس مان ۽ مرتبي ۾ فرق اچي ويندو. عورت جيڪا ازل کان ڪميڻي، هيچ ۽ ذليل آهي ، تنهن لاء ئي سڀ هيچ ڪم دنيا ۾ مختص آهن. وڏيرو دراصل هڪ لقاء ۽ سوچ جو نالو آهي جيڪو اسانجي اندر گھر ڪيو ويٺو آهي. هر رجعت پرستي جو نالو وڏيرو آهي. اسان پارن ملڪن جي ڪرتن ڌرتن جو سڀ کان وڏو سهارو ۽ آسرو اهو وڏيرڪو نظام ۽ سوچ  آهي جنهن کي هو مرڻ نٿا ڏين ۽ مختلف شڪلين ۾ کيس پاليندا اچن. ان نظام کي زنده رکڻ ۾ سندن مفاد لڪل آهن. اڻ اعلانيل سنڌ جا ٽڪرا ڪري تحفي طور اليڪشنن ۾ وڏيرن کي سندن خدمتن عيوض پيش ڪيا ٿا وڃن.هي تڪ فلاڻي وڏيري جو، هي علائقو ڦلاڻي خان جو!اهي نام نهاد سنڌي وڏيرا ، جيڪي دراصل اسٽبلشمنٽ جا ساٿاري آهن، سنڌ کي قبائلي ۽ نسلي جهيڙن، ڪارو ڪارين ۽ جرڳن جي نالن ۾ پيا ڀيلين. وڻين ته گرينڊ اتحاد جوڙي هڪٻئي کي پٻيون ڏين ، وڻين ته ووٽرن جا منهن ڪارا ڪن ۽ ووٽ تي مٽن ! اسانجي اسٽبلشمنٽ جي مرضي اها آهي ته ڀلي سنڌي ماڻهو هڪڙي پاسي مارشل لائن ، ٻئي پاسي دهشتگردن ، ڦورن لٽيرن ، ٽئين پاسي  ڌارين آبادڪارين ۽ چوٿين پاسي وري پنهنجي ئي غدار وڏيرن جي چوکنڀي ڄار ۾ وڪوڙجي گھاڻي ۾ پيسجندو رهي. کيس ڪنڌ مٿي کڻڻ ناهي ڏيڻو، سندس عزت نفس کي ايڏو ته ڪچلڻو آهي جو سندس اعتماد وڃي ترا وٺي. منجهس تخليقي صلاحيتن ۽ روشن خيال سوچن جي سلي کي اسرڻ جي اجازت ئي نه ڏني وڃي. اهڙي گنڀير صورتحال ۾ ، ان کانسواء ڪو چارو ناهي جو جڏهن وڏيرن مان جان نٿي ڇڏائي سگھجي ته پنهنجي اندر موجود وڏيرڪين سوچن، عادتن ۽ روين کي پاڙئون ڪڍي ڦٽو ڪجي.

” اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوھ نه ڇڏئيين.“

ذات پرستي مان جند آجي ڪرايون ته لک کٽيوسين. پنهنجو پاڻکي جمهوريت پرست سڏائيندڙ سياستدان جيڪڏهن پنهنجي نالي اڳيان سردار، پير مير ۽ اهڙا لقب القاب ڳنڍڻ رڳو ڇڏي ڏين ته به ڪر جمهوريت کي ڪجهه ڏڍ ٿي پوي. جڏهن اسان جا پڙهيل لکيل سيد، پير  مير پنهنجي ڳوٺن وڃن ٿا ته سندن مريد کين پيرين پئي ملن ٿا. يونيورسٽين مان پڙهيل لکيل سندن نياڻيون به پنهنجي مريدياڻين کي پنهنجي سامهون پٽن تي ويهاري سڳا ڦيڻا ڪرڻ کي يا ته پنهنجو فرض سمجهي پورو ڪن ٿيون يا شغل ،جنهن مان ٿي سگھي ٿو ته لطف اندوز ٿينديون هجن.جي اهي پڙهيل لکيل اڳيان وڌيل سيد مير پير  مريدن کي پيرين پوڻ کان سختي سان جهلي ڇڏين ۽ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪرڻ لاء اهڙو اعلان ڪن ته سنڌ جي تاريخ رقم ٿي پوي. اهڙي اعلان ڪرڻ ۾ ٻه منٽ لڳندا ۽ سندن لاء ان ڪم جي حيثيت ئي ڪهڙي؟ پر سندن اهڙو اعلان ۽ عمل سنڌ لاء ائين لاڀائتو ٿيندو جيئن ٿر جي واري لاء مينهن ڪڻ!

هڪڙي ڳالھ جيڪا مونکي سدائين پئي ککندي آهي سا اها ته سنڌي قوم احساس ڪمتري جي اونهي اوڙاهه ۾ ڦاٿل آهي. اها قوم جنهن وٽ موئن جي دڙي جهڙي 5 هزار سالن کان به پراڻي ۽ شاهڪار تهذيب آهي ، جيڪا مڪلي ، ڀنڀور ، رني ڪوٽ جي وارث آهي ، جيڪا ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جي خزانن سان مالامال آهي، سا احساس ڪمتري ۾ ڇو ٿي گھاري؟ ڇا ان پويان سبب اهو آهي ته اها غلامي ۾ رهي رهي هاڻ غلامانه سوچ جي عادي بڻجي ويئي آهي يا وري اسانجي پنهنجي سياستدانن ۽ اديبن پنهنجي قوم کي نندي نندي ، کيس احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هڪڙو ننڍڙو ڪم فقط اهو ڪريون ته پڪو پهه ڪريون ته پنهنجي قوم جي منفي پاسن سان گڏوگڏ مثبت لاڙن کي به اجاڳر ڪنداسين، ته ڀانيان ٿي ته ڪنڌ جهلي وينداسين. هائو اباڻي ٻولي ۽ پنهنجي ورثي جي سنڀال ڪنداسين، گھر ۾ مادري ٻولي ڳالھائينداسين ، موڪلن ۾ ٻارن کي وٺي پنهنجي تاريخي ورثن کي گھمائينداسين،  جي اهي ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪندا هلنداسين ته چڙهي پونداسين.

ٻيو هڪڙو ننڍڙو پر اهم ڪم آهي ڄاڙي هڻڻ مان جند ڇڏائڻ، جنهن کي اوطاقي ڪلچر يا يخي هڻڻ به چون. جيڪڏهن انگ اکر گڏ ڪبا ته انجا فائدا گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ظاهر ٿيندا. جيڪڏهن بين الاقوامي     سطح جي بحث هيٺ آڻيون ته ٽائيم مينيجمينٽ چئي سگھون ٿا. اوطاق رکڻ ته اسانجو وڙ ۽ ثقافت آهي. اوطاقون رکجن ، ڪچهريون ضرور ڪجن پر رڳو ڪچهريون ۽ روز ڪچهريون؟! حال احوال ضرور وٺجن پر رڳو پيا احوال ڪٽجن؟! زندگين جو مقصد ڄڻ ته رڳو ڪچهريون ڪرڻ ئي رهجي ويو آهي. آفيس ۾ ڪچهري ، فونن تي ڪچهري. سرڪاري آفيسن ۾ جي ڪچهري تي بندش هجي ۽ ڪم تي زور هجي ته عوام کي ڪيترو نه رليف ملي پوي. هوٽلن تي ويهي چانهيون پيئڻ ۽ حوالن ڪٽڻ کي ٿورو گھٽ ڪري ، ڪجھ وقت بچائي جيڪڏهن نوجوان ان وقت ۾ ڪو چڱو ڪتاب پڙهن يا ڪمپيوٽر سکن ته سندن زندگي هوند تبديل ٿي پوي. ڪتاب ۽ ڪمپيوٽر ، هڪڙي نئين ۽ بهتر دنيا جا امين آهن. ننڍڙا ڪم آهن پر ڪرڻ سان زندگي بهتري ڏانهن ضرور وڌي ٿي. زندگي کي ائين ئي ٿورو ٿورو آهستي آهستي بهتر بڻائيندو هلڻ گھرجي. سالن، مهينن ۽ هفتن سان گڏوگڏ ، پنهنجي هر ڏينهن کي اڃا به وڌيڪ لاڀائتو ۽ خوبصورت بنائڻ جي پلاننگ ڪرڻ گھرجي. روز رات جو ويهي پنهنجي ٻئي ڏينهن جو هڪڙو گوناگون شيڊول لکڻ گھرجي،نوڪري سان گڏوگڏ گھر، راند ، ورزش ۽ لکڻ پڙهڻ لاء به وقت مقرر ڪجي. ان ۾ سياسي سماجي ڪمن لاء به ڪا ڪنڊ ضرور هجي. ان ڪم ۾ ڏھ منٽ لڳندا پر اوهان ڏسندو ته اهو ننڍڙو ڪم توهان جي زندگي کي وڌيڪ خوشگوار ۽ ڪامياب بڻائي ڇڏيندو.

اچو ته پتڪڙا ڪم ڪريون!

Leave a Reply