Short Stories

تڏو

فضا قريشي

 

”هئي ڙي امڙ! ماڻهو نه هو موتي داڻو هو. وڏن جي وڏي ڳالھ آ. ادي !انبن جون سڪون انبڙيون  نه لاهينديون.“ ماسي خاطو ڳوڙها  اگهندي چيو.

امان ايمڻا به وڏو شوڪارو ڀريو.

ڀائو دادن ڇا ملڻ آيو ڄڻ سڀني جي اکين جا بند ڀڄي پيا. امان وڏي ، ڀيڻ خدي ۽ ڀاڄايون پار ڪڍي روئڻ لڳيون. بابا ڀوري جي اوچتي وڇوڙي سڄي ويڙهي کي ڏکارو ڪري ڇڏيو هو. بابا ڀوري کان  ڀلي کڻي سڄو ڳوٺ پيو ڪنبندو هو پر هن جي سيني ۾ جيڪا دل ڌڙڪندي هئي تنهن ۾ سڀني لئي پيار ۽ پنهنجائپ جا ڪي انبار هئا جن جو ڪاٿو ڪير نٿي ڪري سگھيو. آئي ويئي جو آڌرڀاء ڪرڻ، اوڙي پاڙي کي ڏکي سکي ويل ڪم اچڻ، پنهنجن پراون سان پير کڻڻ، ننڍي وڏي جي سار لهڻ، گھر ڇا پر ڳوٺ جو وڏو ٿي ويهڻ ، کٽي ٽٽي توکي مونکي ڪم اچڻ، جهيڙن جا فيصلا نبيرڻ، دشمن جي اک جو ڪنڊو بڻجي ڳوٺ جي سنڀار ڪرڻ اهي سڀ وڙ بابا ڀوري  جا هئا. انبن ۽ کجين جا باغ هجن  يا ڪچي جي زمين، ننڍن کي ڪو پتو ئي نه هو ته ڪيئن پئي جهان هليو.

اڄ سندس ٽيجهو هو. گھر جي اندر زائفائن ته ٻاهر اوطاق تي مردن جا ميڙا متل هئا. هر ڪنهن جي وات تي بابا ڀوري جي ڳالھ هئي.

” اڙي ساجي ٻڌ ته. اها جيڪا اڇن لٽن سان ويٺي آ اها ڪير آ ماتو“، باجي حسيني ساجده کي ٺونٺ هڻندي چيو.

”باجي اها ڀائو احمد جيڪا شهر مان پرڻيو آ اها آهي“، ساجده صلوات جون پٿريون پڙهندي وچان وراڻيو.

” هان مان به چوان شهر جي ٿي لڳي. رنگ ڳورو ٿو ڏسجيس. ٻڌ پڙهيل آني، نوڪري به ڪندي هوندي؟“ حسيني يڪ ساهي ۾ هڙئي سوال ڦهڪائي ڪڍيا.

” ها باجي ڀائو پاڻ جو پڙهيل آ ته پڙهيل ئي پرڻبو نه. باقي ڳوٺ وارا نه ڌيئر پڙهائين نه ڇا باقي ڇڙو ڳالهيون وڏيون.“ ساجده ڄڻ پنهنجي ڀاء احمد جي وڪيل بڻجي ڳالھ ڪئي.

” ها ادي سچ ٿي چئين. اڄڪلھ جا ڇوڪرا پڙهن ٿا، ڀليون نوڪريون ملن ٿيون ته پنهنجون اڀريون سڀريون انهن کي ڪٿان وڻنديون؟ چوندا پڙهيلان به هجن ته نوڪريون به ڪن. اڳي رنن جي ڪمائي کائڻ عيب هو هاڻي ته ڄڻ چونڊ ڪري ٿا کڻن.بس امڙ پڇاڙي آ“ حسيني سان گڏ باجي حنيفي به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

” پر باجي اڳتي وڌڻ لئي ته پنهنجي پراڻين سوچن کي مٽڻو ئي پوندو نه. ڪيسيتائين ڀلا نياڻين کي ڪوٽن ۾ واڙي رکي سگھجي ٿو. دنيا الائي ته ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتي آهي. هاڻي ته زائفائون جهاز پيون اڏائين ۽ سانسدان بڻجي چنڊ تي وڃي پهتيون آهن. اسان آهيون ته اڃا ڄڻ غارن جي دور ۾ رهيا پيا آهيون“ انيلي به ساجده جي ڳالھ کي ڪجھ سر وٺرايو.

” هڪڙو ڪمائڻ وارو ڏھ کائڻ وارا، پاڻ وٽ ته اهو ئي ڪم آهي نه باجي. زائفائون آهن ته ڇڙو اٿن لٽي جي ڳڻتي ۽ ٻارن ڄڻڻ تي زور.ڇڙي اٿن زبان جيڪا ڀلي وهٽ جيان سدائين چوتال. نه اٿن ٻارن جي پڙهائي جو خيال ۽ نه سندن کاڌي پيتي ۽ صحت جو. ڄڻينديون ڦٽي ڪنديون اينديون. پاڻهي پيا پلندا. اها ڀلا جهالت نه آهي ته ڇا آهي؟ جيڪا عورت پڙهيل هوندي سا بري ڀلي ۾ تميز به ڪري سگھندي، سوچي سمجهي زندگي جا فيصلا ڪندي،مڙس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر بار ونڍيندي، ٻئي گڏجي ڪمائيندا ته گھر به سکيو ستابو ٿيندو۽ ملڪ به ترقي ڪندو . چون ٿا ته دنيا جي اڌ آبادي جو عورتون آهن انڪري انهن کي ملڪي ترقي ۾ اهڙو ئي ڪردار ادا ڪرڻو آهي جهڙو مرد ڪن ٿا. زال مڙس پڙهيل هوندا ته گڏجي رٿا بندي ڪندا ته  ٻار ڪڏهن ۽ ڪيترا ڄڻڻا آهن جيئن انهن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏيئي سگھن. اهڙا ٻار پوء ملڪ ۽ قوم تي بوجھ نه پر انجو سرمايو ثابت ٿيندا آهن ۽ جتي ماء ئي اٽي تي چٽي هوندي ته ٻار ڪهڙو اوجر ڪندا“ ساجده ڄڻ اڄ پڪو پھ ڪيو هو ته ڳالھ يا هيڏانهن ڪندي يا هوڏانهن.

” ها جهڙيون مائرون سڌوريون تهڙا وري اسانجا ٻار ڍٺا ۽ ندورا“، انيلي کلندي ڳالھ کي ڳنڍيو.

” ها امڙ اوهان جو ٿيون  پڙهيلون ته اڄ جائي ڀي اسان کي ڏس ڏينديون. بس امڙ اهو جو ڏکڻ گھليو آ سو ڏکيو آ“ حنيفي به پنهنجي دل جي ڳالھ ڪئي.

حسيني به ڦڪي مرڪ مرڪي چيو ” ها امڙ جائي ڀي چوي ته سچ ٿي ني. اسان جو ٿياسين جاهيليون. بابا ڀورو به چوندو هيو نه ته اسان جون رنان آهن چونڪ چنڊيون.ڇڙو ڳالهين جون ڳھير ۽ ڪچھري جون ڪوڏيون.نه اٿن لٿي اٿري ۾ ڄاڻ ، نه اٿن پنهنجي پرائي جي سمجھ. سٺي ڳالھ آ ته هي ڪجھ سمجهائين ته من اسانکي به ديماڳ ۾ ڪجھ ويهي. ڪالھ بابا ڪالو وارو ڇورو به جباب ڏيئي ويو اٿن ته مان ماروٽ سان نه پرڻندم. مانکي شهر مان پڙهيل وٺي ڏيو. امڙ هاڻي ڳوٺ وارا به سوچين ۽ نياڻين کي پڙهائين ته چـڱو اٿن،“ حسيني ڄڻ ڳالھ کٽائي.

” ها ته پو ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالھ آ. سٺو آ ته ويڙهي ۾ جو ڇوڪريون پڙهنديون ته ڳوٺ ئي سڌري پوندو. هڪڙي ڊاڪٽرياڻي جي ڪڍ ڪيڏو ٿا خوار ٿيون. چڱو ناهي ته پنهنجي ويڙهي  ۾ پنهنجون ئي ڊاڪٽرياڻيون هجن ته آئي ويل ڪم اچن“، انيلي به ڳالھ کي ڳنڍيو.

” ها ها پڙهيليون هونديون ته مڙس به پڙهيل ڳڙهيل ملندن جي نه ته پيون پيئرن ۽ ڀائرن ڏي واجهائينديون“، باجي حسيني چيو.

” بس پو ڀاڄائين جي اک جو ڪنڊو هونديون ٻيو ڇا امڙ“ باجي حنيفي ٿڌو شوڪارو ڀريو، ڄڻ سندس اکين اڳيان ڪيئي داستان گھمي ويا.

” هن هُن آڏو هٿ ٽنڪڻ کان ته پنهنجو ٽڪو به چـڱو ني، ڀلي کڻي سڳو ڀاء ڇو نه هجي“، باجي حنيفي اکين جون ڪنڊون اگھندي چيو.

عجيبي رڙ ڪري چيو ته ” مايون ڪچهري کٽيو اٿي يا نه. سج اچي لٿو آهي. صلاتن جو لک پڙهي پورو ڪرڻو آهي، گھمائي وٺو“. سڀني کڻي ماٺ ڪئي ۽ تڪڙيون تڪڙيون صلاتون پڙهڻ شروع ڪيون.

  

 بَلي

 

فضا قريشي

سڄي رات هو فاطيء کي خواب ۾ ايندو رهيو۽ جڏهن صبح جو هوء اٿي ته کيس، منجهانئس بليء جي مهڪ پئي آئي. هو اهو سڄو ڏينهن ان خمار ۽ احساس ۾ رهي پر ان کانپوء به ڪيترا ڏينهن پيار گاڏڙ غم واري احساس ۾ گذريس. بلي ته هوء کيس پيار مان ڪوٺيندي هئي، سندس اصل نالو ته پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان رکيل هو. هو سرزمين سنڌ جي زرخيز مٽيء جو ڄائو هو ۽ صوفياڻي ۽ درويشي ماحول جو نيپاڄ هو، تڏهن ته سندس مزاج ۾ روميء وارو درويش پڻو به هو ته شمس تبريز وارو جاه و جلال به! ترنگ ۽ ترنم ته سندس هر انگ  انگ ۾، هر روپ ۽ رنگ ۾ رچيل ۽ وسيل هئا. هو صرف شڪل ۽ شبيه جو حسين ڪونه هو پر سندس آواز جي گهرائي ۽ گونج، ٻڌندڙن جي ڪنن ۾ ڪا ڄمار پئي گونجندي هئي. سندس نهار جي خمار ڪيئي گهائي وڌا هئا، سندس ڪچهري ، قرب، ساٿ ۽ سنگت سندس زندگيء جا ته سرمايا هئا ئي پر کانئس وڌيڪ سندس سنگتين جا هئا. سموري ڄمار ۾ هن سواء دوستن جي ٻيو ٺاهيو به ڇا هو. مڙس ڇا هو ، بس محفل جو مور هو. فاطيء جي لکئي جو ليک هو! بليء سان سندس واسطو اتفاقي ٿيو هو. هو سندس انتهائي ويجهي ساهيڙيء جي دوست جو دوست هو. هڪڙي ڀيري جڏهن فاطي ۽ سندس ساه کان به ويجهي ساهيڙيء انعم سنڌ يونيورسٽيء مان جلدي ڪلاس ختم ٿيڻ ڪري ساجهر واري پوائنٽ ۾ واپس پئي موٽيون ته انعم اوچتو فاطيء تي زور ڀريو ته“ يار! شاه سان ملڻ جو موڊ پيو ٿئي، هو اڄ صبح ئي ڳوٺان پهتو آهي، سوير فون به ڪئي هئائين. پر آءُ اڪيلي ڪانه ٿي وڃان، ڪير ڏسي نه وٺي، تون به گڏ هل نه! بس ڪلاڪ هڪڙو ويهي ڪچهري ڪري نڪرنداسين. ساڳئي پنهنجي وقت تي گهر هونداسين!” فاطيء کي به احمد شاه کي ڏسڻ جو شوق هو سو کڻي هائوڪارڪيائين. پوائنٽ مان مين روڊ تي لهي سڌو اچي احمد شاه جي در تي لٿيون، ڄڻ سڌيون شاه صدر تي لٿيون! نوڪر حاجي اچي در کوليو. انعم کي ڄڻ اڳيئي سڃاڻندو هو، سو کلي کيڪاريائين. ڊرائنگ روم کولي، بتيون ٻاري، چيائين ته “ سائين مٿي آهي، ٻڌايانس ٿو، اوهان ويهو.” پنجن منٽن اندر ئي احمد شاه پنهنجي هڪ دوست سميت ڪمري ۾ داخل ٿيو. کين ڏسڻ شرط انعم اٿي بيٺي ته مجبورن فاطيء کي به اٿڻو پئجي ويو. بهرحال، سڀني هڪٻئي کي کلي کيڪاريو. احمد شاه پنهنجي دوست جو نالو وٺي تعارف ڪرايو. اهو پهريون ڀيرو هو جو فاطي ۽ بلي هڪٻئي کي ڏٺو هو. ٿوري دير گپ شپ ڪرڻ ۽ ٿڌي پيئڻ کانپوء انعم ، فاطيء کي چيو ته “اوهان ڪچهري ڪريو، اسين گھڙيء کن ۾ اچون ٿا.” ائين چئي انعم ۽ احمد شاه ڪمري مان نڪري هليا ويا. بلي، فاطيء سان ائين ڪچهري ڪرڻ لڳو ڄڻ هو سالن پڄاڻان ڪي دوست رهيا هجن. فاطيء کي به سندس انداز وڻيو هو. هنن پاڻ بابت، پنهنجن گھرن، راڄن ء ڳوٺن بابت ڳالهايو. بليء کيس احمد شاه جو سڄو گھر به گھمايو ۽ مٿي ڇت تي چڪر ڏيارڻ لاء به وٺي ويو. فاطيء کي پهرئين ملاقات ۾ ئي بليء ڏانهن هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿي هئي. ان ۾ غريب فاطيء جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه؟ بليء جي شخصيت هئي ئي سحر انگيز! خصوصآ عورتن جي مامري ۾ ته سندس ستارو اوج تي هو. هر ننڍي وڏي عورت تي سندس جادو ڪم ڪندو هو. اهو شايد ان ڪري به هو ته سندس شخصيت ۾ اڍنگي مردانگيء بدران نفيس نسوانيت جي جهلڪ هئي. عورتن کي شايد سندس روپ ۾ پنهنجي ڪا ساهيڙي نظر ايندي هئي. بس اهو ڏينهن هو جو اهو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو. پهرين فون، پوء ملاقات ء پوء ملاقاتون، اڻکٽ ڊگھيون راتيون ء انکان به ڊگھيون باتيون. ٻنهي ڄڻ هڪٻئي جي روپ ۾ ڪي سچا ساٿي ڳولي لڌا هئا. ٻنهي جي زندگين جو اهڙو ڪهڙو راز هو، جيڪو باقي راز رهيو هجي!اڳي فاطي پنهنجون بيباڪ ساچون ڄڻ پاڻ کان به پئي لڪائيندي هئي، اڪثر اهي سوچون جيڪي بستري تي ليٽڻ ساڻ اچي کيس ورائينديون هيون. پر هاڻ هو پنهنجي زندگين جو ۽ سوچن جو اچو پچوهڪٻئي سان پيا سليندا هئا.  هو جڏهن مڌ پيئندي ، ڪچهري ڪندي، هڪٻئي ۾ گم ٿي ويندا هئا ته هو ڄڻ هن جهان مان ئي نڪري ويندا هئا.هو پنهنجو جهان جوڙي چڪا هئا، جتي هو هڪٻئي جو هٿ جهلي مختلف جنتن جا سيرپيا ڪندا هئا. سندن ڪچهريء جو محور ماڻهو نه پرسندن پنهنجي ذات،نت نوان خيال،قسمين قسمين سوچون ، اوچيون اڏامون، نظريا، ادب، آرٽ، موسيقي ۽ پيارهئا. هاڻي سندن زندگين ۾ ڪا کوٽ ڪانه رهي هئي پر بليء جي اندر شمس تبريز واري وجدانگي ۽ بي چيني سمايل هئي.هو وهندڙ درياه هو، جنهن لاء هڪ هنڌ بيهڻ موت مثل هو. هنن ٻنهي شايد هڪٻئي کي سنگھرون وجهڻ چاهيون به ڪونه هيون. نه چاهيندي به سدائين ميلان ڪنڊيرا  جي ناول لافانيت جي ڪردارن جيان خواهمخواه جي روشن خياليء ۾ اچي ، هڪٻئي کي گھڻي ڇوٽ ڏنائون ۽ خبر ناهي ڪيئن، ڪهڙي مهل، ٿورو روئيندي، گھڻوکلندي، رلندي ملندي جڏهن بلي ، فاطيء کي شاديء کان انڪارڪيو ته فاطيء به وڃي ڪاشف سان سڱ ڪيو۽ نئين زندگي شروع ڪيائين. پر هو ڪو ڳچ عرصو گڏ رهيا هئا ۽ هڪٻئي کي ساه کان به ويجهو رهيا هئا جو کين اندازو ئي نه هو ته ائين ڪرڻ سان ڪو سچ پچ هو ايترو پرتي هليا ويندا. هڪڙو وقت هو جو هو هڪٻئي جي ڳلي جو هار هيا ۽ هاڻي هو هڪٻئي کي ڏسي به نٿي سگھيا. “اڳي ائين هياس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا، هاڻ ايئن ٿياس جو جت نه نينم پاڻ سين” ،هو ٻئي لطيف جون اهي سٽون پڙهي پيا هڪٻئي کي ساريندا هئا ء لوڪان لڪي پيا هنجون هاريندا هئا.هنن چرين الائي ڇو اهو پئي سمجهيوته سندن ساٿ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سدائين رهندو. هنن جا ذهن اها حقيقت سمجهڻ کان قاصر هيا ته هوهڪٻئي کان ڪو ايترو پري به وڃي سگھن ٿا.شايد علم طبعيات جي نيوٽن واري قانون موجب انسان جنهن حالت ۾ رهندو آهي ته سندس ذهن سمجهندو آهي ته هو ڪو هميشه ان ئي حالت ۾ رهندو ء اها شيء يا لقاء ڪو سدائين ائين ئي رهندا.خبر ناهي ڇو پيار ڪندڙ چريون دليون دنياوي حقيقتن کي مڃڻ لاء تيار ئي نه ٿينديون آهن.

   فاطيء سان شادي نه ڪرڻ جو بليء وٽ فقط هڪ ئي سبب هو، سندس زال سونهن جيڪا سندس ٻارن جي ماء به هئي.  بليء کي پڪ هئي ته جيڪڏهن هو ٻي شادي ڪندو ته سونهن يا ته پاڻ کي ماري ڇڏيندي يا کانئس هميشه لاء الڳ ٿي ويندي ۽ کيس ٻارن لاء به سڪائي ڇڏيندي.هن پنهنجي من موجي طبيعت جي ڪري سونهن کي ڪي گھڻا سک به ڪونه ڏنا هئا. اها ڳالهه به کيس اندر ۾ چهنڊڙي پئي هڻندي هئي. انڪري هو فاطيء سان شاديء جي ست نه ساري سگھيو۽ کيس پنهنجو گھر وسائڻ جي موڪل ڏنائين. ڪهڙيء دل سان ڏنائين سا ته کيس ئي خبر هوندي.                                                                    

 فاطي شاديء کان پوء پنهنجي مڙس سان لڏي وڃي دبئي رهي هئي. هو جڏهن به سمونڊ ڪناري بيچ تي ڪاشف سان گڏ گھمڻ ويندي هئي يا هو مرينا واڪ تي چڪر لڳائيندا هئا ته هوء پاڻکي بليء سان گڏ محسوس ڪندي هئي.جتي جتي هنن ٻنهي گڏ گھمڻ جا خواب ڏٺا هئا، اڄ اتي ڪنهن ٻئي ساڻ هوندي به هوء فقط ۽ فقط بليء ساڻ هئي.اهڙو ڪهڙو ڏينهن هو ، جو فاطيء کيس ياد نه ڪيو هجي. ڏينهن ته ڇا ، هن جو هر لمحو، هر لحظو، هر پل ۽ هر گھڙي بليء جي نانء هئي. هوء ته ڄڻ کيس سڄو ڏينهن گڏ کنيو پئي هلندي هئي، ساڻس رهاڻيون پئي ڪندي هئي، کانئس هر مامري ۾ صلاح مصلحت پئي وٺندي هئي. بلي سندس وجود جو اڻٽٽ انگ بڻجي چڪو هو. پر جڏهن هوء کيس خواب ۾ ڏسي اٿندي هئي ته کيس سندس ڇهاء ، سندس ڀاڪر ۽ چمين جي گرمي ۽ لهس ڪو وقت پيو محسوس ٿيندو هو، بلڪل ائين ڄڻ ته هو خواب ۾ نه پر حقيقت ۾ وٽس رات رهي ويو هجي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو تيئن تيئن اها آنڌ مانڌ وڌنڌي ٿي ويئي. ست سمونڊ پار، هوء روز پئي کيس سڏ ڪندي هئي ته “ يار بلي، موٽي آء”، “پيار بنا ڍولا ناهي مزو ملڪ ۾.” بليء کان سواء دنيا جو تصور فاطيء لاء محال هو. فاطيء پاڻکي اڪيلو ٿي محسوس  ڪيو۽ جڏهن جڏهن سندس اڪيلائي وڌي ويندي هئي، ته بلي سندس خواب ۾ اچي سندس روح کي ريجهائيندو هو. هو ٻه جسم هڪ جان هئا.                                                      

 فاطي اڄ به سندس اوسيئڙي ۾ آهي. کيس الائي ڇو يقين آهي ته هو سندس سڏ ضرور ورنائيندو.  اهو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿئي ته فاطي سڏي ء بلي نه اچي! “تون ايندين، تون ايندين ، تون ايندين ضرور” فاطي آڪاش جون سٽون ڄڻ بليء کي گوش گذار پئي ڪندي هئي. ها هوء چري ٿي چڪي هئي جو بليء جي موت کي ڪنهن   به ريت قبولڻ لاء تيار نه هئي. قبولي به ڪيئن؟ هو ته سندس من ۾ ديرو ڄمايو ويٺو هو. اڄ سندس پنجين ورسي هئي. فاطيء جڏهن سندس موت جي خبر ٻڌي هئي ته هوء بت بڻي بيٺي رهي هئي. نه روئي سگھي ،نه رڙي سگھي . ڳچ وقت گذرڻ کانپوء هن جي آکڙين جا بند ٽٽا ء ائين ٽٽا جو اڄ ڏينهن تائين به نٿا اڏجن. سندس اکيون نير وهائين ٿيون ۽ سندس دل رت روئي ٿي. اها خبر بليء کي به هوندي ته مئو هو نه آهي، مري ته فاطي ويئي آهي.                                                                             

هوء ديوانه وار بليء کي ڳولي پئي، هو کيس ڪڏهن ڪنهنجي اکين ۽ نهار ۾، ڪڏهن ڪنهنجي وارن ۽ چپن ۾، ڪڏهن ڪنهنجي آواز۽ کل ۾ ته ڪڏهن ڪنهنجي قد ۽ هلڻيء ۾ ته ڪڏهن ڪنهنجي لوڏ ۽ هوڏ ۾ ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. خدا تي ڪو گھڻو يقين نه هوندي به سندس دل ٻئي جنم ۾ بليء سان گڏ هئڻ جا پور پچائي ٿي. هوء به امرتا پريتم جيان پنهنجي پيار کي ٻيهر جنمڻ چاهي ٿي. هاڻ ته کيس ائين محسوس ٿئي ٿو ته بلي به کيس ساري ٿو۽ سڏ ڪري ٿو. هوء جلدي وٽس وڃڻ چاهي ٿي پر هن بليء کان ڪجھ وقت جي مهلت ورتي آهي ته جيئن هوء بليء کي جنمي دنيا آڏو بيهاري پنهنجي يقين کي ثابت ڪري ته “ ڏسو! مون چيو هو نه ته منهنجو بلي موٽي ايندو”.                                                                     

 

افسانو

هوءَ

فضا  قريشي

هوءَ نيٺ وڃي کٽ داخل ٿي سندس مرض جو ويڄن کي پتو ئي نٿي پيو. امان چاڳل ۽ ڀيڻس کيس ڪيترن ئي پيرن تي به وٺي ويون. پاڻ به پير پٺي تي  ٽي راتيون ٽڪي آئي هئي ته مَنَ ڪو من کي سڪون ملي پر اها خبر کيس به هئي ته سندس سڪون ڪيڏانهن موڪلائي ويو آهي. سندس عارضي جي يا ته کيس خبر هئي يا سندس رب کي شايد احمد به انهيءَ ڳالهه کي سمجهندو هو پر ان پنهنجن چئن ئي ٻارن سميت ڄڻ سندس بيماريءَ کي قبولي ورتو هو يا وري هن ان کي وڌيڪ سمجهڻ ئي نٿي چاهيو. عزيءَ جو جڏهن احمد سان سڱ ٿيو هو ته پاڻ پنج درجا پڙهيل هئي پر هن ڪڏهن به احمد کي اهو احساس ٿيڻ ڪونه ڏنو. هوءَ ساڻس ڳوٺان لڏي اچي ڪراچيءَ رهي هئي. هن ٻارن کي پڙهائڻ سان گڏوگڏ ڄڻ پاڻ به پڙهيو هو، ٻار پاڙي ۾ جتي ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئا پاڻ به ان ماسترياڻيءَ سان پڪي دوستي رکي هئائين. ڪڏهن کيس سنڀل مڇي ۽ ڳاڙهن چانورن جي ماني ته وري ڪڏهن کيس بيهه ۽ بسري پچائي پئي موڪليندي هئي، تنهن ڏينهن گوبي، گجرن ۽ بصرن جي آري به تيار ٿي ته ڊومڻ ڀري کيس اماڻيائين. ماسترياڻيءَ جي به ساڻس دل ٿي وئي هئي هن به کيس پنهنجو نالو لکڻ ۽ انگ اکر پڙهڻ ۽ گهر جو حساب ڪتاب رکڻ سيکاري ڇڏيا هئا. عزي هوشيار ته هونئن ئي هئي ٿوري جو ٽيڪ مليس ته ڊائجسٽ پڙهڻ شروع ڪيائين. ڊائجسٽ جا ڪردار ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي بڻجي چڪا هئا جيڪا ڪسر رهيل هئي سا اسٽار پلس جي ڊرامن پوري ڪئي هئي کيس اها خبر هئي ته احمد جي آفيس ۾ ڇوڪريون به ڪم ڪن ٿيون. احمد جي اچڻ جو جيئن ئي وقت ٿيندو هو ته هوءَ ڊوڙي وڃي سٺا ڪپڙا مٽي ايندي هئي، هٿ منهن ڌوئي وارن جي چوٽي ڪندي هئي، احمد سدائين سندس گلابي چپن جي تعريف ڪندو هو ان ڪري هوءَ ڪوشش ڪري گلابي سرخي ئي لڳائيندي هئي، احمد کيس جام ڀائيندو هو هر مهيني نه ته به هر ٻئي مهيني ته کيس سندس پسند جو وڳو وٺي ڏيندو هو. احمد ڪڏهن به عزيءَ جي ڳوٺاڻي پڻ تي ناخوشي جو اظهار ڪيو ته ڪونه هو پر عزيءَ ڄڻ ته سندس اندر پڙهي پروڙي ويٺي هئي کيس هر وقت بس اهي ئي خيال پيا ذهن ۾ گردش ڪندا هئا. خصوصا جڏهن کان هوءَ نئين سال جي آمد تي احمد آفيس پاران رٿيل فيملي گڏجاڻي مان ٿي آئي هئي بس اهو ڏينهن ۽ هيءُ ڏينهن جو سندس ساهه مُٺ ۾ هو. هوءَ هاڻي پاڻ کي وڌيڪ ٺاهڻ جوڙڻ لڳي هئي بس سندس اکين اڳيان ته هُما ئي پئي گهمي. هونئن ته هوءَ پاڻ به سهڻي هئي، قدڪاٺ، وڏا وار، گلابي چپ، سنهو ڊگهو نڪ ۽ سانورو رنگ، منجهس ڪڻڪ جي سلي جهڙي ڪشش هئي. پر هُما جي شخصيت جو سحر سڄي محفل ۽ محفل ۾ ويٺل هر مرد توڙي عورت تي ڇانيل هو. هوءَ رنگ جي گوري ۽ اعلي تعليم يافته هئي پر وڏائي کيس ڇهيو به ڪونه هو. عقلمند ۽ هر ڪنهن جي دل کٽيندڙ هن کي هُما جي ڪچهري ۾ احمد جي تعريف ڪرڻ اصل نه وڻيو هن به ته احمد جي تعريف ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. ڳچ سال اڳ به هُما ۽ احمد سندن گذريل ڪمپنيءَ ۾ ڪجهه وقت گڏ ڪم ڪري چڪا هئا پوءِ ڪنهن سببان شايد شادي ۽ ٻار جي ڪري هن استعفي ڏني هئي، هوءَ پنهنجي ننڍڙي به ان تقريب ۾ وٺي آئي هئي پر هوءَ ڪٿان به شادي شده ڪانه ٿي لڳي. ڪو اڻ واقف ته ان جي ننڍڙي ڱي سندس ننڍڙي ڀيڻ ئي سمجهندو. مايون ڪن الائي ڇا ٿيون جو اهڙي جون اهڙيون لڳيون پيون آهن! عزيءَ هما کي ڏسي دل ۾ سوچيو هوءَ ته کيس اڳي کان به وڌيڪ سهڻي، چست ۽ عمر جي ننڍي پئي لڳي، عزيءَ کي وسوسا ويڙهي ويا چئبو ته هُما ۽ احمد جو پاڻ ۾ وچ وارو عرصو ڪو ڳانڍاپو رهيو آهي جو هن وري اچي ان ئي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي آهي جتي احمد آهي. ضرور احمد ئي کيس اها نوڪري وٺرائي ڏني هوندي! عزيءَ پاڻ سان ڳالهايو، مُئيءَ جو مڙس ته نظر ئي ڪونه آيو، اٿس به الائي نه تڏهن ته ٻين جي مڙسن جون تعريفون ڪندي نٿيون ٿڪجن! هن پاڻ کان پاڻ سوال ڪيو نيٺ رهيو ڪونه ٿيس ۽ هُما کان سندس ور بابت پڇا ڪرڻ تي هن کيس ٻڌايو ته هوءَ فوجي آهي ۽ هن وقت سندس ڊيوٽي سياچن ۾ آهي. مار! چئبو ته جهڙو مڙس اٿس تهڙو ڪونه اٿس! کيس هُما تي ڏک به ٿيو پر ان جي ڏک مان وڌيڪ کيس پنهنجو مڙس پيارو هو. هاڻي هن پاڻ کي وڌيڪ ٺاهڻ جوڙڻ شروع ڪيو هو. ماسترياڻيءَ کي چئي فيئر ۽ لولي به گهرائي هئائين. ماسترياڻي کيس ڏس ڏنو هو ته هوءَ صابڻ بدران ڪلين اينڊ ڪليئر جو فيس واش استعمال ڪري جنهن سان سندس چهرو وڌيڪ صاف ٿيندو. هن هاڻي هر پنڌرنهن ڏينهن مٿي ۾ ميندي لڳائڻ شروع ڪئي هئي جيڪا اڳي هوءَ هر ٻئي مهيني ميندي هڻندي هئي. هاڻي ته هوءَ مينديءَ ۾ ڪارو پٿر به وجهندي هئي، ايڏو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به کيس محسوس پئي ٿيو ته احمد کانئس پري پيو ٿيندو وڃي کيس لڳندو هو ته سندس سموري تياري اجائي آهي جو احمد ته کيس پوري ريت ڏسي به نٿو هاڻي ته هن سندس گلابي چپن جي تعريف ڪرڻ به ڇڏي ڏني هئي ان ڪري هن گلابيءَ بدران چپن تي ڳاڙهي سرخي لاهڻ شروع ڪئي هئي ته متان احمد سندس تعريف ڪري وجهي پر سڀ ڪجهه ڄڻ بي سود هو! احمد جڏهن آفيس مان ايندو هو ته هيءَ وڃي سندس پاسو وٺندي هئي. پاڻي کان پوءِ چانهه سان گڏ ڪڏهن گرم گرم پڪوڙا ته ڪڏهن وري جليبيون ۽ سمبوسا اچي رکندي هئي اڳي جي ڀيٽ ۾ احمد ساڻس آفيس جون ڳالهيون ڪرڻ گهٽائي ڇڏيون هيون بس گهر ۽ ٻارن جون خبرون چارون وٺي وڃي بستري تي هليو ويندو هو ۽ ماني به ٽي وي ڏسندي بستري تي ئي کائيندو هو  ڪجهه دير مڙيوئي ٻارن کان اسڪول جو حال احوال وٺڻ نه وٺڻ جهڙو ڪري اکيون ٻوٽي سمهي پوندو هو. ڪڏهن به سندن وچ ۾ هفتي کان مٿي ڏينهن ڪونه پيا هئا پر هينئر ساندهه ٻارنهن ڏينهن گذري ويا هئا جو احمد سندس ويجهو ئي ڪونه آيو هو اڳي تي مهيني وارا ست ڏينهن به ڄڻ ڳڻي گذاريندو هو ڇا آئون هاڻي کيس نٿي وڻان يا هوءَ ڏائڻ هاڻي کيس وڌيڪ ٿي وڻي، رب ڄاڻي ته سندس وچ ۾ ڇا آهي هوءَ هر وقت پاڻ کان اهڙا ئي سوال پئي پڇندي هئي. الله ته نيٺ سڀ ڪنهن جو آهي نه! هوءَ پاڻ کي پاڻ پئي سمجهائيندي هئي. نئين سال واري تقريب کي به هاڻي پنج مهينا ٿي چڪا هئا پر سندس اندر جي آنڌ مانڌ ڏينهون ڏينهن وڌي هئي، هر گذرندڙ ڏينهن سندس لاءِ زهر ڍڪ پيئڻ برابر هو . هوءَ هاڻي لڪي لڪي احمد جي موبائيل به ڏسندي هئي. ماسترياڻي کيس موبائيل تي ميسيج لکڻ، پڙهڻ ۽ موڪلڻ ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو هو. احمد جي موبائيل مان هوءَ اهڙي ڪابه شيءَ هٿ ڪري ڪانه سگهي جنهن کي ثبوت بڻائي احمد سان ڪو مهاڏو اٽڪائي ها. ڀلا هينئر تائين سندس سمورين ڦشرين جو احمد تي ڪهڙو اثر پيو هو. احمد ڄڻ عزيءَ کي سندس سمورن شڪن شبن ۽ زبان جي تکائيءَ سميت قبولي ورتو هو. هُما ته ٺهيو پر ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ هر ڇوڪريءَ کان عزيءَ کي مسئلو هو. اها ڳالهه احمد چڱيءَ ريت سمجهندو هو پر هوبه شايد پنهنجي دل هٿان مجبور هو جيڪا ڪيئي سال اڳ هُما جي نانءُ ٿي چڪي هئي. اڳئين ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران جڏهن سندس وچ ۾ دوستي وارو رشتو قائم ٿيو هو ته احمد هڪ ڏينهن همٿ ڪري پنهنجي دل جي ڳالهه هُما سان ڪئي هئي پر ان وقت احمد ٻن ٻارن جو پيءُ هو ۽ هُما مڱيل! هُما کيس پنهنجي خانداني پٽ بابت تفصيلي ٻڌايو هو ۽ احمد کي سمجهايو هئائين ته هو ٻئي هڪڙي دريا جا اهڙا ٻه ڪنارا آهن جيڪي گڏ ويهي ته سگهن ٿا پر ملي نٿا سگهن. احمد شايد ان وقت ته اها ڳالهه سمجهي ويو پر جڏهن دل گهريو محبوب منهن مقابل هجي ته ڪهڙي ڪافر جي مجال آهي جو منهن موڙي سگهي. نئين ڪمپنيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ سندن دوستي ساڳي رهي پر هاڻي اها دوستي وڌيڪ ويجهڙائپ ۾ تبديل ٿيندي پئي ويئي. هاڻي هو لنچ به اڪثر گڏ ڪندا هئا. موڪل وارا ڏينهن ته احمد جا ڄڻ گذرندا ئي ڪونه هئا. هو هُما جون ڳالهيون ۽ ٽهڪڙا ياد ڪري ڏکاڙو ٿي پوندو هو. عزيءَ سندس منهن تي ايندڙ ويندڙ هر رنگ پئي سمجهندي هئي کيس بي چين ڏسي هوءَ به بي چين ٿي پوندي هئي. هاڻي ته اڪثر سندس راتين جون ننڊون به حرام ٿي ويون هيون. هوءَ ڏينهن رات پنهنجي رب کي ٻاڏائيندي هئي. ان کان سواءِ هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهي! غريب ماءُ پيءُ ۽ ڦٽل ڀائرن جو سوچي، پور پڇاڻي، دل جو سور دل ۾ ئي رکي ويهي رهندي هئي، ٻچن جون اکيون به سندس اڳيان پيون ڦرنديون هيون. نياڻيون ذري گهٽ اچي جوان ٿيون هيون. ”هاڻي هن عمر ۾ ڪهڙو اڇو منهن پنهنجو ڪريان يا هن جو ڪريان! بس جيڪو وڻيس پيو ڪري! منهنجي ڪهڙو چئي ۾ آهي بس رب سائين ڪا سمجهه ڏيس! ڀڻڪي ماٺ ڪري پئي رهندي هئي. احمد به هر ڏهين ڏينهن جناح ۾ سائيڪا ٽرسٽ کان سندس علاج ڪرائي ٿڪجي پيو هو. ڪڏهن بلڊپريشر، ڪڏهن مٿي ۾ سور، ڪڏهن ڦيري، ڪڏهن ساهه جي تڪليف، بس هڪ نه ٻي لڳي ئي لڳي پئي هوندي هيس!

هڪ ڏينهن اوچتو ڇنڇر واري ڏينهن صبح جو يارهين ڌاري در جي گهنٽي وڳي. احمد اٿي در کوليو ته هُما پنهنجي مڙس سميت بيٺي هئي، احمد کين چانهه لاءِ صلاحيتو، هوءَ عزيءَ سان ڀاڪر پائي ملي ۽ مٺائي جو پيڪيٽ ڏيئي کيس ٻڌايائين ته هو سُتت ئي ٻاهرين ملڪ لڏي پيا وڃن. سڄو ڪم ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري اڪرم ڇٽي وٺي آيو آهي ته جيئن هتان سڀ ڪجهه وائينڊاپ ڪري سگهون. هُما مڙسهنس ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو مس ڪو 20 منٽ ويٺا هوندا چانهه پي اهو چئي روانا ٿيا ته ڪجهه ٻين دوستيءَ وارن سان به ملڻو آهي.

شام جو پاڙي جو ڪجهه مايون عزيءَ وٽ آيون ته جيئن گڏجي سچي بيبيءَ جي ڪهاڻي ٻڌن. سندن وڃڻ پڄاڻاڻ احمد جڏهن عزيءَ کان اهو پڇيو ته ”ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ته ڪهڙي مراد پُني اٿئي“ ته هن احمد ڏانهن معني خيز نظرن سان مرڪي ڏٺو. ڄڻ پڇندي هجي ته اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي! ۽ هوءَ ڪمري مان ٻاهر هلي ويئي! پنهنجي هوڏ ڀري لوڏ سان!

 

 

 

فضا

اصل ۾ ڪهاڻي/ افسانو نثر ۾ هڪ تخليقي صنف آهي، جيڪا ڪنهن وقت سنڌ ۽ هند ۾ عروج تي هئي پر پوءِ جيئن اسان وٽ شاعري زوال پذير ٿي وئي تيئن ڪهاڻي به پوئين پساهن ۾ آهي. ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. هاڻي سنڌيءَ ۾ ڪو رسالو به ن آهي! تنهنجي ڪهاڻي”هوءَ“ اهڙي سوڪهڙي ۾ مينهن جي ڪڻي وانگر آهي، تون ۾ تخليق جا جيوڙا موجود آهن ۽ لڳي ٿو ته پنهنجي وجود ۾ انهيءَ تخليقڪار جي وجود کي ڳولي ورتو آهي. توکي اهڙي مشق جاري رکڻ کپي. هن ڪهاڻي ۾ ڪجهه جهول به آهن. مثلا عزيءَ جو ”شڪ“ صحيح آهي. جڏهن ته هُما شادي شده آهي ۽ هُما ۽ احمد ڪليگ آهن، ٻنهي ۾ دوستي ته ٺيڪ آهي…. ۽ عشق به……… پر احمد ان جو اظهار تڏهن ٿو ڪري جڏهن هو پاڻ ٻن ٻارن جو پيءَ ٿي چڪو هوندو آهي، ٿي سگهي ٿو تو وٽ ان جو ڪو جوڳو جواز هجي!( امداد حسيني)