اها ئي موڪلاڻي ٿي

2018 الائي تو ته ڇا رٿيو آهي؟؟ ڇا تون اسانکان اسانجا سمورا جيئڻ، تڳڻ، هلڻ جا سهارا، آسرا، اميدون ۽ امنگون کسي اسانکي اڪيلو ڪرڻ چاهين ٿو. ڇا تو دشمن سان گڏجي سنڌ کي انجي سپاهين کان وانجهڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي؟؟ تون جو ڌرتي لاء ويڙهاند ڪندڙن، سوچيندڙن، لوچيندڙن، روشن خيال ماڻهن جي موت جو سنيهو بڻجي آيو آهين، اچ ته تون ۽ مان ڳراٽڙي پائي، ڪي پل سانت ۾ گذاريون. تون موت کي ميار ڏجان جنهن توکي به اسان لاء سانحن جو سال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مان موت کي پٽ ۽ پاراتو ته ـ موت شل ڪو موت پوئي!

ڪير وسهي ته اهو رسول بخش پليجو ويو وڇڙي جيڪو ارادن جو ارڏو جبل هو، جنهن جي ڪجلين ڪڪورين اکڙين جي گھرائي ڪڏهن ڪڏهن سمونڊن کان به گھري لڳندي هئي. هو جادوگر هو، جنهن جو ساه پساه سنڌ ۾ هو. هو جنهن کي ڪنهن به ڪڏهن غمزده، هيڻو، پريشان، فرسٽريٽ، ڊپريس نه ڏٺو، بلڪه دپريس ۽ فرسٽريٽ وٽس وڃي هشاش بشاش ٿي ايندا هئا. هو انسانن سان پيار ڪندو هو. هو پاڻ چوندو هو ته رسول بخش پليجو ماڻهو ٺاهيندو آهي.هي اهو جادوگر هو جيڪو ماڻهو گر هو. مون جهڙن گھڻن جي زندگي جا اهي سال جيڪي هن سان گڏ گذريا اهي ڄڻ زندگي جي حاصلات بڻجي ويا ۽ باقي زندگي کي ليڪ ڏيئي ڇڏجي ته خير ٿيندو. هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن ڪيل ڪمن تي ۽ ٺاهيل ماڻهن جي ڪارنامن کي ڏسي بي تاحاشه خوش ٿيندو هو ۽ پاڻ کي پاڻ پٺي ٺپري شابش به ڏيندو هو. چوندو هو مونکي خبر آهي ته مون ڪهڙو زبردست ڪم ڪيو آهي، جي ٻئي کي نٿي خبر پوي ته اچو ته پاڻ کي پاڻ شاباش ڏيون. سندس مزاح جي حس ڪمال هئي. هو سارا ڪم کلندي چرچا ڳڀا ڪندي خوش طبعي سان سرانجام ڏيندو هو. هو تاريخي محقق هو. دنيا جي تاريخ، انساني سماجن جي تاريخ هو پڙهندو به هو، انجا ٽڪرا چونڊ ڪري روان ترجمي سان پڙهي ٻڌائيندو به هو، ٽڪرا چونڊ ڪري ڏيندو هو ته ترجمو ڪريو ته ڇپرايون. جڏهن ٽڪرا ترجمي لاء چونڊ ڪري ڏيندو هو ته انسان گڏ ترجمي جي اهميت ۽ هڪڙي ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ ترجمي ڪرڻ جي گڻن ۽ ٽيڪنيڪي پاسن تي به ضرور ڳالهائيندو هو. پاڻ جڏهن ترجمي جي افاديت تي ڳالهائيندو هو ته مونکي سندس ڪتاب وهڻ مون نه وڙاء ياد ايندو هو.

 ان ڳالھ ۾ تر جيترو به وڌاء نه آهي ته مونکي لکڻ هن سيکاريو ۽ اڄ آء مٿس لکان پئي. منهنجو پهريون آرٽيڪل علم ڪهڙو پرائڻ گھرجي سندس ئي اتساه هو، دراصل سندس ئي ڏنل علم هو جيڪو مون کڻي پني تي پلٽيو هو. کيس ڏسڻ لاء موڪليم ته پاڻ تمام گھٽ ان۾ درستگيون ڪري، انکي عنوان ڏيئي ۽ منهنجو نالو فضا قريشي لکي مونکي فيئر ڪرڻ لاء موڪليائين ۽ چيائين ته فيئر ڪري موڪل ته ڪاوش ۾ موڪلينداسين. ائين منهنجو پهريون ڪالم ڪاوش ۾ ڇپيو ۽ اهو سلسلو گھٽ وڌ هلندو اچي. مونکي سياست ڪرڻ ، سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ، پنهنجن حقن لاء ويڙهاند ڪرڻ، انقلابي، عوامي ۽ ٻي عشقيه شاعري اسٽائل سان پڙهڻ، ٽيبلوز ڪرڻ، ٽيبلوز جي ڊائريڪشن ڏيڻ، وڏا وڏا پروگرام اڪيلي سر آرگنائز ڪرڻ ۽ دنيا کي ڌوڏيندڙ  دونهاندار تقرير ڪرڻ هن سيکاريو. لطيف شناسي هن ڏني. لطيف ڊي جو رواج سنڌ ۾ هن وڌو. اهو هن جو ڏان هو ته اوهان پنهنجو هر سياسي موقف لطيف جي شاعري جي مدد سان رکي سگهيا ٿي.

ڪوتليه چانڪيه، مائوزيتونگ ۽ لينن هن جا اهي استاد هئا جيڪي هن پنهنجي مرضي سان چونڊي کنيا هئا. ڪوتليه چانڪيه تي  لکيل سندس شاندار مضمون جهڙو ٻيو ڪوبه مضنون چانڪيه تي پنهنجي نظر مان ناهي گذريو. سنڌ ۾ مائوزيتونگ، هوچي منھ ۽ لينن کي عوامي هن ئي ته بڻايو. اهي اڳوڻ جيئن چين، ويٽنام ۽ روس جي عوام جي دلين ۾ پئي ڌڙڪيا تيئن ئي هن انهن کي ڄڻ سنڌي عوام جو به رهنما بڻائي ڇڏيو. تازو جڏهن ڪنهن ٽريننگ ۾ ٿائيلينڊ وڃڻ ٿيو ۽ اتي ويٽنامي آفيسر سان ملاقات ٿي ته کيس ٻڌايم ته مون هوچي منھ جي آتم ڪٿا پڙهي آهي ۽ انجون تصويرون اسانجي ڊرائنگ روم ۾ لڳل آهن ته کيس ڏندين آڱريون اچي ويون. هن شخص جيڪو تاريخ هو ، تنهن اسانکي دنيا جو شهري بڻجڻ سيکاريو. هو اڪثر اشوڪ اعظم، جيڪو چندر گپت موريا جو پوٽو هو ، جنهنجو ڪوتليه چانڪيه وزيراعظم هو، تنهنجي زندگي گذارڻ جي رنگ ۽ ڍنگ کي هو ڏاڍو ساراهيندو هو، جنهنجا ذاتي حفاظت ڪندڙ دستا عورتن تي مشتمل هئا۽ سندس تقريبن سڀئي ذاتي ڪم عورتون ئي سرانجام ڏينديون هيون. سنڌياڻي تحريڪ کي ته هو مائوزيتونگ جي وڏن ڊگھن ڪارن وارن واري فوج ڪري ڏسندو هو. سنڌي عورتن کي جنهن ريت هن سياسي ڌارا ۾ آندو جو سنڌياڻي تحريڪ ايشيا جي وڏي ۽ يگاني عورتن جي تحريڪ بڻجي ويئي. اهو ڪنهن معجزي کان گھٽ ڪونهي.

آء اڪثر اهو سوچيندي آهيان ته ڇا ڪريان جو سندس جهڙو اعتماد ، سندس جهڙي ڏاهپ، ڳالهائڻ جو فن، ماڻهن کي موهڻ جو فن ، ٻارن ، ٻڍن، عورتن، ننڍن وڏن، نوجوانن جي هشامن کي گڏ کڻي هلڻ جو فن، زنده رهڻ جو فن مون ۾ به اچي. جيتوڻيڪ مون ساڻس 4 سال 1994 کان 1998 تائين ويجها گذاريا پر مونکي اڪثر محسوس ٿيندو آهي ته مونکي ساڻس اڃا به وڌيڪ وقت گذارڻ گھرجي ها  ته جيئڻ کانئس وڌيڪ سکي سگهان ها. ماڻهو ڇا هو املهه موتي هو. ساڻس هزارين سياسي، نظرياتي، اخلاقي ۽ ذاتي اختلاف رکي سگھجن ٿا، شيخ اياز کي استاد بخاري سان ڀيٽ ڪرڻ تي بحث ڪري سگھجي ٿو ، محمد علي جناح ۽ جي ايم سيد بابت سندس موقف کي چئلنج به ڪري سگھجي ٿو پر اهو ڪيئن نه مڃجي ته سنڌڙي جو آڌار پليجو. ايم آر ڊي جي جدوجهد هجي، بنگال جو ڪيس هجي، ڪالا باغ ڊيم ۽ ڌارين جي آبادڪاري هجي، ڪراچي جو مسئلو هجي، تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي هجي ، عورتن جي حقن جي ڳالھ هجي ۽ ڪارو ڪاري جي مسئلي کي کڻڻو هجي، ڪير هجي نه هجي، پليجو ميدان تي هوندو۽ للڪاريندو ۽ چوندو ”ڪيا مين اس جنگ ڪا خاموش سپاهي بنون، ڪيا جنت ڪو جهنم ڪي حوالي ڪردون، ڪيا مجاهد نه بنون؟ ميري نغمي تو وهان گونجي گي هي جهان ميرا سپه سالار استالين“.

اهو ڪيئن نه مڃجي ته جڏهن هن وڪالت ڪئي ته سندس شمار پاڪستان جي چوٽي جي وڪيلن ۾ ٿيو ۽ جڏهن هن ادب لکيو ته پسي ڳاڙها گل جهڙا ڪتاب ڏنائين. هو ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏک اوريندو هو ته سنڌ جا اديب ، سياست سان ٻه اکيائي جي ڪري مونکي اديبن جي لسٽ ۾ شامل ئي نٿا ڪن.

هو پنهنجي ذات ۾ يگانو هو، مٽي ان خمير هئي اصلئون ايتري! مونکي اڪثر اهو محسوس ٿيندو هو ۽ ڪچهرين ۾پاڻ اها ڳالھ مچيندو هو ته سندس ڄم وقت کان اڳ هو. رسول بخش پليجي تي ايندڙ وقت تحقيق ڪندو ۽ سندس شخصيت جي بي شمار پهلوئن کي اجگر ڪندو.

چند مهينا اڳ جنوري ۾ منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو ۽ اتفاق سان زاهده جي وفات جي خبر ملي ته ساڻس تعزيت ڪرڻ ويس. اهڙي تعزيت نه انکان اڳ ڪنهنجي ڪئي ۽ نه ڪري سگھبي. سنڌياڻي تحريڪ جي هن جاکوڙي ڪردار جي تعزيت جيئڻ ٿيڻ کپي ها تيئن ئي هن وصول ڪئي جنهن ۾ انقلابي گيت ۽ نغما شامل هئا. ڪيتريون ئي تلخ ڳالهيون مون بابت کيس ٻڌايون ويون پر هن جي ۽ منهنجي قرب جي رشتي ۾ ذري برابر به گھٽتائي ڪانه آئي بلڪه ماڻهن کي چپ ڪرائيندي چيائين ته اهو هن جو قرب آهي. مون تي لازم ڪيائين ته جڏهن به حيدرآباد وينديس ته وٽس وڃي رهنديس. مون ساڻس واعدو ڪيو ته ڀيرو ڪانه ڀڃينديس. بس اها ئي ڄڻ ته موڪلاڻي ٿي .

www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2018/June/08-06-2018/

Leave a Reply